چِلي

چِلي: اُٺ، گهوڙي ۽ گڏهه تي بار کڻڻ لاءِ کٿي يا ڪپڙي جي خرزين وانگر ٺهيل ٻوجھي کي چِلي چئبو آهي. ان کان سواءِ اناج، گاهه ۽ ٻئي بار جون به چليون ٺاهي بار کڻندا آهن ۽ ڪوشش ڪبي آهي ته ان جا ٻئي پاسا وزن ۾ برابر هجن ته جيئن اوهر نه ٿئي. اڳئين وقت ۾ شادي مرادي جي موقعي تي ڀَت کڻڻ لاءِ اجرڪ يا کٿي جي چلي ٺاهي، ان ۾ ڀت ڀري، ڪنهن وهٽ، خاص ڪري ڍڳي تي کڻندا هئا.


لفظ چِليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو