چِٻَ

چِٻَ: چٻ، چٻري جي ماديءَ کي چوندا آهن. چِٻ ڪڪڙ کان ڪجهه قدر ننڍي ۽ چٽڪمري رنگ جي ٿيندي آهي. چٻ حرام پکين ۾ شمار ٿئي ٿي. هيءَ هڪ يا ٻن ڏينهن جي وقفي سان 2 کان 12 گول ۽ سفيد رنگ جا آنا ڏيندي آهي. ٻهراڙين ۾ چٻ کي نڀاڳو ۽ نحس پکي سمجهيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو