چٺا

چٺا (ذات): پنجاب جي شهر ۽ ضلعي گوجرانوالا ۾ چٺا ذات وارن جا 80- 90 ڳوٺ آهن. هنن لاءِ تاريخي روايت آهي ته هي دهليءَ جي راجا پرٿيراءِ جي ڏوهٽي ’چٺا‘ جو اولاد آهن. هي اصل چوهاڻن جي نک مان آهن. چيما سندن هم ذات آهن. روايتن موجب 500 سال اڳ چٺا جي ڏهين پيڙهيءَ مان هڪ شخص سمڀالا کان مراد آباد آيو، جتي هو ڪرنالن ۽ چوهاڻن سان اچي رهيو. چٺا اڄ به چناب ندي جي ڪنارن تي آباد آهن ۽ گوجرانوالا جي جتن مان شاديون ڪيون اٿن. هنن 1600ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ سکن جي دور ۾ سياسي حيثيت به حاصل ڪيائون. مشهور تاريخدان سر ليپل گرفن جي لکڻ موجب: چٺا ذات وارا جتن جي اهم ۽ وڏي نک دِلهن سان واسطو رکن ٿا. هن قبيلي جا پاڪستان ۾ مرڪز گوجرانوالا ۽ هندستان ۾ امرتسر ۾ آهن، پر سندن گهڻو تعداد ستلج نديءَ کان ويندي فيروز پور تائين آباد آهي. ڪن چٺن جو چوڻ آهي ته هو سورج ونسي راجپوت لَوَ نالي شخص جي اولاد مان آهن، جيڪو ملاوا مان دهليءَ آيو ۽ دهليءَ جي ڪورٽ ۾ ڪيترن ئي عهدن تي رهيو.


لفظ چٺاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو