چٽسالي

چٽسالي: چٽسالي عمارتن وغيره تي گلڪاري ڪرڻ جو هڪ فن آهي. اسلامي دور ۾ هن فن کي وڏو فروغ مليو. اسلامي عمارتسازيءَ ۾ چٽساليءَ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. چٽساليءَ جي فن جي اسلامي دور ۾ حوصلي شڪني به ڪئي وئي، پر بنو اميه ۽ بنو عباس وارن پنهنجن محلاتن کي گلڪاريءَ ۽ ماڻهن جي شڪلين سان خوب سينگاريو هو. عباس خاندان جي ٻئي خليفي جي محلات تي هڪڙي شهسوار جي تصوير اڪريل هئي. ’الامين‘ جي محل تي شينهن، عقاب ۽ سامونڊي مڇي ڊولفن جون شڪليون ٺهيل هيون، ’المقتدر‘ جي محل تي سون ۽ چانديءَ جو ارڙهن ٽارين وارو وڻ لڳل هو. ’المتوڪل‘ ڪيترائي بازنطيني مصور پنهنجي محلات ۾ چٽساليءَ جي ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا. ’مقريزي‘ پهريون مسلمان مصنف هو، جنهن مسلمان مصورن جي تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ڪم ڪن سببن جي ڪري اڌورو رهجي ويو.


لفظ چٽساليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو