چٽڪي

چٽڪي: ٻه ڪاٺ، ڌاتو يا پٿر جا ٽڪرا، جيڪي آڱوٺي، ڏسڻي ۽ وچين آڱر جي وچ ۾ جهلي ساز وانگر وڄائبا آهن. هي ڪاٺ، ڌاتو يا پٿر جا ٽڪرا جن کي ’چٽڪي‘/ چٽڪيون چئبو آهي، هڪ خاص انداز ۾ ٽڪرائڻ سان هڪ قسم جي وڻندڙ لئي پيدا ٿيندي آهي ۽ وڄائڻ واري جي وڏيءَ مهارت سان کٽ کٽ جو آواز نڪرندو آهي. هي چٽڪيون ڪڏهن هلڪي سڳي ۾ به ٻڌي وڄائبيون آهن، جن ۾ ٽونئر ٿيندا آهن.


لفظ چٽڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو