چٽڻي

چٽڻي

چٽڻي

چٽڻي: ڌاڻا، مرچ، ڦودنو ۽ بصر وغيره ڪُٽي ٺاهيل چهرو کاڌو، چٽڻي سڏبو آهـي. چـٽڻـي عـام طرح مانيءَ سان لاڳ طـور کـائـبـي آهـي. اوائل ۾ چٽڻي، کٽاڻ (انـبـڙيـن، گـدامـڙي وغيره)، لوڻ ۽ مرچ گـڏي ٺاهـي ويـندي هـئي، جيڪا کاڌي کان اڳ يا پوءِ زبان جي ذائقي بدلائڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي. هن وقت ڪيترن قسمن جون چٽڻيون ٺهنديون آهن، جن مان ميون جي چٽڻي ڪثرت سان استعمال ٿيندي آهي. ميون جي چٽڻي ڪنهن ڪچي ميوي کي ڪٽي، سنهو ڪري ان ۾ کنڊ ۽ سرڪي جو قوام ملائي ٺاهيندا آهن. اها بک وڌائي ۽ کاڌي کي هضم ڪري ٿي، وائي باديءَ کي بند ڪري ٿي ۽ وات جي ذائقي لاءِ به مفيد آهي.


لفظ چٽڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو