چڍڙ

چڍڙ (ذات): چڍڙ سنڌ جا قديم رهاڪو ۽ نج سنڌي آهن. چڍڙ ذات جا ماڻهو هن وقت سنڌ جي مختلف علائقن سميت پنجاب، مشرقي پنجاب ۽ ٿوري تعداد ۾ بلوچستان، خيبر پختونخوا سميت ترڪيءَ ۾ آباد آهن. ان کان سواءِ راجسٿان ۽ مدراس ۾ به چڍڙ رهن ٿا، پر اهي غير مسلم آهن. ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ هي سورج بنسي راجپوتن جو اولاد ڄاڻايل آهن، جڏهن ته ڪتاب ’چڍڙ- تاريخ جي روشنيءَ ۾‘ موجب: چڍڙ، راءِ پسني خان پٽ راءِ سوترڪ پٽ راءِ چالڪ خان جو اولاد آهن. راءِ پسني خان کي اولاد ٿيو: ابڙو، چڍڙ، بوهڙ، رهڙ، منجهو، ڇڇر، ٽانوري، ٻراڙ، برڙي ۽ ميڪڻ.


لفظ چڍڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو