ڇاهل

ڇاهل (جُتي): ڇاهل پيش مان ٺهيل جُتي آهي، جيڪا جابلو ماڻهو پائيندا آهن. هيءَ جتي جابلو ماڻهو پيش کي پسائي، ڪٽي ان جي تندن مان ٺاهيندا آهن. هن قسم جي جُتين جون پويون ڪهيون به انهيءَ پيش مان ٺاهيندا آهن. جبل ۾ انهن ڇاهلن سان هلڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي. ڇاهل جو هيٺيون ترو ٿلهو، مضبوط ۽ نرم هوندو آهي، جنهن ڪري پٿرن تي هلڻ سبب پير مڙندو نه آهي. پير جو مٿيون حصو ويڪرين ڪَهين يا ٻين نمونن جو ٺاهيندا آهن، جيڪو مُريي کان ٿورو هيٺ تائين پير ڍڪيندو آهي. پويان کڙيءَ جي چوڌاري ڪهيون هڻندا آهن. هي سادو سودو جوتو جابلو ماڻهن لاءِ وڏي وٿ آهي، جو عام چم يا پلاسٽڪ جا بوٽ ۽ چپل جابلو علائقن ۾ ڪم نه ڏيندا آهن.


لفظ ڇاهلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو