ڇتاڻي

ڇتاڻي (ذات/ پاڙو): سنڌ اندر ڇتاڻي مختلف ذاتين جو پاڙو يا نک آهي. مثال طور: چانڊين جي حسناڻي شاخ مان هڪ پاڙوڇتاڻي‘ سڏبا آهن. ڪرمتين جي زنگياڻي شاخ جو واسطو به ’ڇتاڻي‘ پاڙي سان آهي. ڪرمتين جي ’جانوريذات ۾ به ڇتاڻي پاڙو آهي. اهڙيءَ طرح کوسن، لغارين، مير جتن، سومرن، ڪلهوڙن ۾ به ’ڇتاڻي‘ پاڙا هن. هي پاڙا، شايد هر ذات جي ڪنهن وڏي ’ڇتي‘ جي نالي سان شروع ٿيا هوندا.


لفظ ڇتاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو