ڇور

ڇور (شهر): ضلعي عمرڪوٽ جو هي شهر ڇور، شهر عمرڪوٽ کان 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هتي هن ’ڇور‘ شهر جي نالي سان ريلوي اسٽيشن به آهي، جتان هڪ طرف کوکراپار ۽ موڻاٻائو (ڀارت) ڏانهن ۽ ٻئي طرف ميرپورخاص ڏانهن ريلوي لائين وڇايل آهي. هن شهر تي ڇور نالو ان ڪري پيو، جو هتي ڍوري مان نڪرندڙ واهه هن شهر ۾ اچي ’ڇوڙ‘ ڪندو هو ۽ پوءِ اهو لفظ آهستي ڇوڙ مان بدلجي ڇور ٿي ويو. پاڪستان جي قيام بعد هتي فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌ ۾ پني عاقل ڇانوڻيءَ کانپوءِ ٻيو نمبر وڏي ڇانوڻي آهي. فوجي ڇانوڻيءَ جي ڪري هيءُ شهر ڇور ڪينٽ سڏجي ٿو، پر رڪارڊ ۾ اڃا تائين پراڻو نالو ڇور برقرار آهي. هن شهر جي آسپاس وڏي آبادي رهي ٿي. هتي مختلف ذاتين وارن جا وڏا ڳوٺ آباد آهن. هن شهر کي هندستان جي سرحد ويجھو پوي ٿي ۽ ٿر جو ڪافي حصو هن شهر سان واڳيل هئڻ ڪري هتي وڻج واپار تمام بهتر ٿئي ٿو. ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ تمام سادو شهر آهي. هتان جي ماڻهن جي اُٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي سادگيءَ واري آهي. هتي ڪافي وقت کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول قائم هو، جنهن کي هاڻي هائير سيڪنڊريءَ جو درجو حاصل ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ هتي هڪ پرائمري اسڪول، ٽائون ڪميٽي ۽ سول اسپتال به آهي. هتي ڪجهه نجي اسپتالون ۽ ليباريٽريون به موجود آهن. هن شهر ۾ هڪ واهه ڇوڙ ڪري ٿو. هتي فوجي شاخ جي وَهڻ کانپوءِ بندن تي رهندڙ ماڻهن لاءِ پاڻيءَ جي سهوليت ٿي پئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڇور جي آسپاس جر صفا کارو آهي ۽ واهه مهيني ۾ هڪ ڀيرو ستن ڏينهن لاءِ وهندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ فوجي شاخ هر هفتي وهي ٿي. هن شهر ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾ آريسر، مڱريا، سميجا، پٺاڻ، ڇڇر، ملاح، شيخ، سهتا، ڪنڀر، رونجها، سومرا ۽ ڪولهي پنجابي اچي وڃن ٿيون. هن شهر جي آسپاس وونئڻ، مرچ، ڪڻڪ، سورج مکي، توريو ۽ ڄانڀو عام جام پوکيو وڃي ٿو. هتان جا ماڻهو ڍاٽڪي عام جام ڳالهائين. هن شهر جي آسپاس جي وڏن ڳوٺن ۾ کيتسنگهه، سڻوهي، ٽيڀري ۽ حويلي اچي وڃن ٿا. هاڻي ڇور جي نالي سان 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ٻيو شهر اڏيو ويو آهي، جيڪو ’نيو ڇور‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. نيوڇور ۾ به ڪيترائي پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ پوليس ٿاڻو قائم آهن. هتي هندو مذهب جو قديم ’مرلي ڌر مندر‘، ’جوڳ مايا جي مڙهي‘ ۽ ’سوامي سيجناٿ جي مڙهي‘ قائم آهن. هن شهر ۾ واڻيا، سوٽهڙ، مهراج، ٺڪر، نهڙي، سومرا، مڱڻهار، ڀيا، شيخ، چانهيا، ميگهواڙ، حجام، ڪنڀر، درزي، کتري ۽ سونارا ذاتيون آباد آهن. هتان جي کترين جو ڇُر جو ڪم سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هن شهر ۾ به ريلوي اسٽيشن قائم آهي. هن شهر جي ڀرسان بابا نصرالله وليءَ جي درگاهه آهي، جنهن ۾ قديم دؤر جون ڪيتريون مزارون آهن.


لفظ ڇورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو