ڇوليون

ڇوليون

ڇوليون

ڇوليون (ڪتاب): هيءُ نامياري چترڪار ۽ شاعر شرجيل (فتاح هاليپوٽي) جو نثري نظمن تي مشتمل ڪتاب آهي. ’ٽيون چينل‘ عنوان سان ڪتاب جو مهاڳ ناليواري نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا لکيو آهي. جنهن ۾ لکي ٿو ته: ’سدا گلاب‘ کان شرجيل جي ‘ڇولين’ تائين پڄندي، نثراڻي شاعري اها ڀاڳن ڀري/ اڀاڳي صنف آهي، جنهن تي رجعت پسندن کان ترقي پسندن تائين، ويندي ماڊرن نقادن تائين به، ان جي مخالفت يا حمايت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ، ڄڻ اخلاقي فرض پئي سمجهيو آهي. نثراڻي شاعريءَ ۾ نوان ذهن، نون قلمن سان لکي سنڌي شاعريءَ کي نيون ڊائمينشنس ۽ نئون موڙ ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪن. 96 صفحن جي ڊيميءَ سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت ڏهه روپيا آهي، هيءُ ڪتاب ڊسمبر 1983ع ۾ آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ ڇوليونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو