ڇيل

ڇيل: هي کاري جي ڇلرن واري مڇيءَ جو هڪ قسم آهي. هن مڇيءَ جو رنگ ڪارڙو ٿئي ٿو. ان جي ڊيگهه 9 انچ ٿيندي آهي. هيءَ مڇي واري ۾ ٽٻي هڻي به هلي ويندي آهي، هن جا ٻه قسم ٿين ٿا: هڪ ڦائي گول ۽ ٻي ڊگهي سول (Sole). هيءَ مڇي رائي، گپ ۽ گاهه کائيندي آهي ۽ ڪناري جي ويجهو رهندي آهي.


لفظ ڇيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو