ڇَلَنبُ

ڇَلَنبُ: هڪ قسم جو ڳهه، جيڪو بلوچ قوم جي قبيلن جي عورتن ۾ پائڻ جو رواج آهي. هي سچن پٿرن سان ٺهيل هڪ ڇلو هوندو آهي، جنهن جو قطر هڪ انچ ۽ ان ۾ ننڍڙا پٿر ڌاڳي ۾ پويل ٿين ٿا. هي ڇلا ڪنن ۾ پائبا آهن. انهيءَ زيور ۾ پٿر گهڻو ڪري نارنگي رنگ جا ٿيندا آهن، پر ڪڏهن ڪي عورتون ٻين رنگن مان ٺهيل ڇلنب به استعمال ڪنديون آهن، ڇلنب هر عمر واري عورت پائي سگهي ٿي، پر اڪثر هيءُ زيور ڪنوار کي پيڪن طرفان ڏنل ڏاج ۾ ڏنو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو