ڇٻر

ڇٻر

ڇٻر

ڇٻر: هڪ قسم جو گاهه آهي، جيڪو هر فصل يا خالي پيل زمين ۾ تمام گهاٽائي (Densities) سان ڦٽي ٿو ۽ ميدانن، غير آباد جاين ۽ باغن ۾ تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته زمين اندر هن کي پاڙ ڳنڍ ۽ زمين مٿان هن کي مٿي چڙهندڙ ٿڙ يا ڏانڊي ٿيندي آهي، ان سبب هن گاهه کي ختم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. عام طرح ڇٻر گاهه لٽاسي يا چيڪي مٽيءَ ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. ڇٻر جا پن اڪثر ڪري ننڍا ۽ سوڙها 4 کان 12 سينٽي ميٽر ڊيگهه ۾ ۽ 2 کان 6 ملي ميٽر ويڪر ۾ پکڙيل ٿيندا آهن. هن گاهه ۾ واڌارو طبعي قلمي واڌ ذريعي ٿئي ٿو. هيءُ گاهه طور، چوپائي مال لاءِ استعمال ۾ خاص طور اچي ٿو. ان کان سواءِ هن کي پارڪن وغيره ۾پڻ سونهن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. ڇٻر جو گاهه زمين کي کاڌ کان محفوظ رکي ٿو. هن جون ڳريون، پاڙون ۽ ڳنڍيون اڪثر ڪري دوائن ۾ ڪتب اچن ٿيون. هاڻي باغن ۽ پارڪن لاءِ مختلف قسمن جون ڇٻرون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جي باغن ۽ باغيچن ۾ سونهن لاءِ پوکيو وڃي ٿو.
اڄڪلهه آمريڪي ڇٻر لڳائڻ جو رواج آهي. وڏن پارڪن، بنگلن وغيره ۾ اها لڳائي ويندي آهي، جيڪا تمام سنهڙي تندن واري گاهه جي هوندي آهي ۽ مشين سان ڪٽجڻ کان پوءِ سائي غاليچي جو ڏيک ڏيندي آهي.


لفظ ڇٻرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو