ڇپر2

ڇپر: ٿوڻين، ٿنڀن تي بيٺل ڪکائين ڇت واري اجهي کي ڇپر چئبو آهي، جنهن کي وچ مان ڪامڻ ڏنل هوندي آهي، جيڪا جنڊن تي رکيل هوندي آهي. ڇپر سر جي لڙهين، لئيءَ يا مانجهاندڙيءَ جي پڃرن ۽ سرن ۽ ڪانهن سان جوڙيو ويندو آهي. هڪڙا ڇپر عام ٿين ٿا، خاص ڇپرن جا پڃرا چوڪڙين ۽ ٻارين تي ٺاهيا ويندا آهن، جن ۾ وچين ڪام سان گڏ پوري وچ تي لاٽڻ به ڏني ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو