ڊان

ڊان

ڊان

ڊان Dawn): اخبار): ڊان، پاڪستان جي مشهور انگريزي اخبار، جنهن جو گجراتي ايڊيشن به نڪرندو آهي. مسلم ليگ لاءِ آزاديءَ جي تحريڪ دوران هڪ انگريزي اخبار جي ضرورت محسوس ڪندي، قائداعظم محمد علي جناح 26 آڪٽوبر 1942ع تي ڊان اخبار شروع ڪرائي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر جوزف هو. شروع ۾ ’ڊان‘ اخبار دهليءَ کان هفتيوار شايع ٿيندي هئي. ان وقت کان وٺي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي معاشي تعليمي، سياسي ۽ ثقافتي، مذهبي تقاضائن ۽ امنگن جي ترجمان ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۾ مددگار ثابت ٿي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڊان جي هيڊ آفيس پاڪستان جي پهرئين دارالحڪومت ڪراچيءَ منتقل ڪئي وئي. ان وقت هن اخبار جو ايڊيٽر الطاف حسين گوهر هو، جنهن پنهنجي ايڊيٽوريلن ذريعي وڏو نالو ڪڍيو. جنهن گھٽيءَ مان ڊان نڪرندي هئي، ان کي اڄڪلهه ’الطاف حسين گوهر روڊ‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.
بعد ۾ اخبار جي سرڪيوليشن وڌائڻ لاءِ قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ويجھي ۽ گھاٽي دوست يوسف هارون تي اخبار جي ذميواري وڌي. ان وقت هو The Herald اخبار ڪڍڻ جي تياريءَ ۾ هو، پر بعد ۾ The Dawn ڪڍڻ تي راضي ٿيو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ هن اخبار بدعنوان سياستدانن ۽ آمرن تي تنقيد ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي. ايستائين جو 1965ع ڌاري الطاف گوهر ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. هي ايڏو اثر رکندڙ صحافي هو، جو صدر ايوب خان کيس پنهنجي ڪابينا ۾ وزير ٿيڻ جي آڇ به ڪئي. ’ڊان‘ پنهنجن صفحن ۾ دنيا جي مشهور اخبارن The Loss Angeles Times، The Washington Post ۽ The Independent وغيره جا مکيه ايڊيٽوريل ڇاپي، پڙهندڙن کي عالمي مواد کان آگاهه ڪندي رهي آهي. ڊان اخبار هن وقت سنڌ جي هارون فيملي جي انتظام هيٺ آهي ۽ ان جو سرپرست حميد هارون آهي، جيڪو APNS جو به عهديدار آهي. ’ڊان گروپ‘ جي اهتمام هيٺ ’هيرالڊ‘ مئگزين به شايع ٿيندي آهي. هن اخبار جي مکيه آفيس ڪراچيءَ ۾ آهي، جڏهن ته ان جو لاهور ۾ به دفتر آهي. سڄي ملڪ سميت هن اخبار جا نمائندا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مقرر آهن. 2004ع جي هڪ سروي موجب روزاني ڊان جي سرڪيوليشن هڪ لک 38 هزار هئي. آچر ڏينهن هيءَ انگريزي اخبار ٽن حصن تي مشتمل هوندي آهي، خبرن کانسواءِ ان ۾ مختلف شين جي خريد و فروخت ۽ نوڪرين جا اشتهار، ڪاروباري خبرون ۽ تجزيا شامل هوندا آهن. ڇنڇر تي ٻارن لاءِ ’ينگ ورلڊ‘ مئگزين به شايع ڪئي ويندي آهي. ڊان اخبار جي اهم ليکڪن ۾: اردشير ڪائوسجي، عرفان حسين، نديم ايف پراچا، عاصمه جهانگير، انور سعيد، جاويد نقوي، عائشه صديقي، ڪامران شفيع شامل آهن. هن وقت ڊان گروپ جو چيف ايگزيڪيٽو آفيسر (CEO) حميد هارون ۽ ايڊيٽر ظفر عباس آهي. جولاءِ 2007ع ۾ The Dawn News نالي سان هڪ انگريزي چئنل به شروع ڪيو ويو هو، جيڪو مالي مسئلن سبب هن وقت انگريزيءَ بدران اردوءَ ۾ پنهنجي نشريات هلائي رهيو آهي. ’ڊان نيوز چئنل‘ قومي ۽ عوامي مسئلن تي آزاد صحافتي معلومات ڏئي ٿو ۽ ان جو شمار ملڪ جي وڏن نيوز چئنلن ۾ ٿئي ٿو.


لفظ ڊانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.10.26  عيسوي

ڊان، پاڪستان جي مشهور انگريزي اخبار، جنهن جو گجراتي ايڊيشن به نڪرندو آهي. مسلم ليگ لاءِ آزاديءَ جي تحريڪ دوران هڪ انگريزي اخبار جي ضرورت محسوس ڪندي، قائداعظم محمد علي جناح 26 آڪٽوبر 1942ع تي ڊان اخبار شروع ڪرائي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر جوزف هو.



اخبارون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الجماعة
دولت دار
ستياوادي پکشڪ
آفتاب سنڌ
الفاروق
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
برسات اخبار
آفتاب اخبار
دي سنڌ وار جرنل
خير خواهه
اخبارون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون