ڊهه

ڊهه (ديهه): ڪراچيءَ جي هڪ ديهه، سمند جي ڪناري ۽ ملير نئن سان لڳ هئڻ ڪري هن ديهه ۾ واريءَ جون ڀٽون آهن. واري گھڻي هجڻ ڪري هن ديهه تي ’ڊهه‘ نالو پيو آهي. هاڻوڪي قيوم آباد چورنگيءَ کان وٺـي ڪورنگي ڪريڪ ملير نئن جي ڇوڙ تائين وارو علائقو هن ديهه ۾ شامل آهي. آئل ريفائنري فيڪٽري، ڀٽائي ڪالوني، بنگالين جون ڪچيون آباديون، چڪرا ڳوٺ به هن ديهه ۾ اچي وڃن ٿا.


لفظ ڊههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو