ڌاتورو

ڌاتورو

ڌاتورو

ڌاتورو (White-flowered thorn apple): ڌاتوري کي لاطينيءَ ۾ Datura alba چئبو آهي. ڌاتوري جو ٻوٽو پاڪستان اندر سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي ميوي ۾ نشيدار جزا شامل آهن، پوءِ به ڌاتورو ڪيترين بيمارين ۾ شفا بخشي ٿو. حڪيمن موجب ڌاتوري جو دونهون، دم جي مريضن لاءِ آرام بخشيندڙ آهي. سنڌن جي سور جي حالت ۾ ڌاتوري جا پن سُور واريءَ جاءِ تي مهٽڻ سان سُور گهٽجي ويندو آهي. ڌاتوري جا ٻه قسم آهن، جن کي اڇو ڌاتورو ۽ ڪارو ڌاتورو چيو ويندو آهي. (وڌيڪ ڏسو: چريو ڌاتورو، جلد چوٿون.)


لفظ ڌاتوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو