ڍاٽڪي

ڍاٽڪي (سنڌي ٻوليءَ جو لهجو): سنڌي ٻوليءَ جي ڍاٽڪي لهجي کي ’ڍاٽي‘ ۽ ’ٿري‘ نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. هن لهجي جي مکيه زمين ٿر، خاص طور ٿر جو ڍاٽ وارو علائقو آهي. ڍاٽڪي، مارواڙيءَ سان به ويجهڙائپ رکي ٿي. ڍاٽڪي ڳالهائيندڙ سڀني لهجن وارا هڪ ٻئي جا لهجا سمجهن ٿا. عمرڪوٽ، مٺي، نئين ڪوٽ ۽ سانگهڙ طرف رهندڙ ڍاٽين جو لهجو ۽ حرفي هڪجهڙائي سنڌي ٻوليءَ سان 74 سيڪڙو ملندڙ آهي، جڏهن ته مارواڙيءَ سان 80 سيڪڙو کان 83 سيڪڙو ميل کائي ٿي. ٿري ڍاٽڪي ۽ راجسٿاني ڍاٽڪيءَ ۾ 88 سيڪڙو هڪجهڙائي آهي. ٿرپارڪر طبعي طور ستن ڀاڱن: ڍاٽ، سامروٽي، وٽ، ونگي، پارڪر، کائڙ ۽ ڪنٺي ۾ ورهايل آهي، جنهن سبب هر ڀاڱي ۾ ڍاٽڪيءَ کي پنهنجو پنهنجو ننڍو لهجو (Sub Dialect) آهي، مجموعي طور ٿر ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي چئن لهجن: سنڌي ٿري لهجي، ڍاٽڪي لهجي، پارڪري لهجي ۽ مارواڙي لهجي ۾ ورهايو ويو آهي. سنڌ اندر ٿر ۽ هندستان جي علائقي راجسٿان ۾ هن ٻوليءَ جو تمام گهڻو واهپو آهي. ٿر ۾ رهندڙ ٺَڪر، سونارا، مهراج، واڻيا، سوٽهڙ، ميگهواڙ، راهما، نهڙي، سميجا، ڀيل، بجير، ڪنڀر، مڱريا، آريسر، ملاح ۽ ٻيون اڪثر مسلمان ۽ هندو جاتيون هيءَ ٻولي گهريلو ٻوليءَ طور ڳالهائين ٿا. ڍاٽڪي لهجي وارا اڪثر اسم پٺيان ’يو‘ ملائي مخاطب ٿيندا آهن، مثال طور: سومار کي سوماريو، واحد کي واحديو وغيره.
ڍاٽڪي لهجو ڳالهائيندڙ ڪيترا ماڻهو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ سميت مختلف شهرن ۾ تعليم، ملازمت ۽ روزگار سان لاڳاپيل آهن. هي معياري سنڌي به درست ڳالهائين ٿا.
ڍاٽڪيءَ ۾ شاعري به گهڻي ٿيل آهي، جنهن کي مائي ڀاڳيءَ سميت ڪيترن ٿري فنڪارن دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي. ٿر جا مشهور لوڪ گيت: ڏورو ۽ چرمي وغيره به ڍاٽڪيءَ ۾ آهن. سنڌ ۾ هي لهجو ڳالهائڻ وارن جو تعداد گهڻو هو، پر 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ ڪيترا ماڻهو لڏي ويا. هندستان جي جيسلمير واري حصي ۽ سنڌ جي ٿر واري حصي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اڄڪلهه ڍاٽڪي توڙي پارڪريءَ ۾ اشاعت جو ڪم به ٿئي ٿو. ڍاٽڪيءَ ۾ ڪتاب ۽ رسالا پڻ شايع ٿي رهيا آهن. ريڊيو (مٺي ايف. ايم) تي به ڍاٽڪيءَ ۾ پروگرام نشر ٿيندا رهن ٿا. ڍاٽڪي لهجي جي ٿر واري علائقي مان مائي ڀاڳي، مراد فقير، شفيع فقير، ٻڍو فقير، صادق فقير، برڪت فقير، ڀڳڙو ناچيز، ڪريم فقير ، رجب فقير ۽ ٻيا ڪيترا راڳي شهرت ماڻي چڪا آهن. ڍاٽڪيءَ جا مشهور شاعر، اديب باغ علي شوق (راجسٿان)، بانڪيداس چارڻ ۽ ٻيا مشهور آهن.


لفظ ڍاٽڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو