مانسرور ڍنڍ

مانسرور ڍنڍ

منڇر ڍنڍ جو ڏيک

منڇر ڍنڍ جو ڏيک

ڪينجھر ڍنڍ جو هڪ منظر

ڪينجھر ڍنڍ جو هڪ منظر

ڍنڍ

ڍنڍ: قدرتي طور چوڌاري زمين ۽ وچ ۾ پاڻيءَ جي وڏي تلاءَ کي ڍنڍ چئجي ٿو، اها قدرتي يا هٿرادو به ٿي سگهي ٿي. لغت ۾ ڍنڍ جي معنيٰ بيٺل پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ آهي. ڍنڍون، جنهن زمين جي هيٺاهين هنڌن جي والار ڪنديون آهن، انهن جي درجي بندي هن ريت آهي:
¨ هوا جي کاڌ وسيلي برفاني ڇپون ڳرڻ وسيلي، جيئن ڪئناڊا ۽ اسڪاٽلينڊ جون ڍنڍون.
¨ پاڻيءَ جي ذخيرن وسيلي، مثال طور: ڀرجهلائي ڍنڍون.
¨ بناوتي چرپر وسيلي، مثال طور: اوڀر ڏارن واري ماٿريءَ جي مٿاڇري جي والار.
زمين تي درياهي پاڻيءَ جي ڪنهن وڏي ڇڏيل ٽڪريءَ کي، جنهن جي چئني طرفن کان خشڪ ۽ سڪي زمين موجود هجي، ڍنڍ سڏيو ويندو آهي.
آتشفشاني عمل سبب زمين ۾ کڏا پوڻ ڪري به ڍنڍون ٺهنديون آهن. يعني اُهي هيٺانهان حصا، جيڪي ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ سان سطح کان هيٺ ٿي ويا، اُهي ڍنڍن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا.
دنيا ۾ هزارين ننڍيون وڏيون، مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جون ڍنڍون موجود آهن. دنيا جي هر حصي ۾ اتان جي جاگرافيائي حالتن مطابق جابلو علائقن، درياهي علائقن، وسيع ميدانن ۽ درياهي ڇوڙ وارن علائقن ۾ پڻ برسات جي پاڻيءَ سبب ڍنڍون ٺهنديون آهن. ڍنڍن ۾ برسات جو پاڻي، زميني مٿاڇري جي پاڻيءَ جي وهڪ، اُترين علائقن ۾ گليشيئرن (برفاني جبلن) يا برفاني زمين جو ڳرڻ ۽ وهندڙ نديون ڍنڍن جي پاڻيءَ جو اهم ذريعو آهن. ندي جڏهن تيز وهڪري سبب پنهنجا رستا بڻائي ٿي ته ان جي ٻاهرئين زور سان ڍنڍون ٺهنديون آهن.
زميني مٿاڇري کان سواءِ ڍنڍون جبل جي چُرن، اونهن سوراخن/ شگافن سبب به ٺهنديون آهن. جيئن دنيا جي اونهي ۾ اونهي ڍنڍ بيڪال آهي، جيڪا اڳوڻي سوويت يونين ۾ آهي. بيڪال ڍنڍ تمام وڏي ۽ اونهي آهي. هڪ اندازي موجب هيءَ ڍنڍ دنيا جي تازي پاڻيءَ جو هڪ ڀاڱي پنجون حصو پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي.
1812ع ڌاري ميسيسپي ۾ آيل زلزلي سبب اتان جي زميني ايراضي 10 فوٽن تائين پاڻيءَ هيٺ اچڻ ڪري ’ريلفوٽ‘ نالي هڪ ڍنڍ وجود ۾ آئي، جيڪا هاڻي ٿينيسي ڪيتيڪي بارديرو لڳ هڪ آسائشي ۽ تفريحي ڍنڍ آهي. اهڙيءَ ريت آمريڪا جي شهر واشنگٽن جي ڪاسڪيڊ رينج ۾ سينٽ هيلنز آتش فشان جي ڦاٽڻ سبب ڪيتريون ئي نيون ڍنڍون ٺهيون، جن مان اڪثر ڍنڍون آمريڪا جي اتر وچئين ۽ اتر اوڀر واري حصي ۾ آهن، جن مان هڪ ڍنڍ ڪيٽل جي نالي سان مشهور آهي. اها برفاني اجگر ڇپن ڪِرڻ سبب تڏهن ٺهي، جڏهن اهي ڳري ويا ۽ کڏا ڀرجي ويا، جيڪي پوءِ ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳا. هڪ ٻيو قسم آڪسبو ڍنڍ جو به آهي، جيڪا آڪسبو درياهه جي وهڪرن مٽائڻ ۽ پوئتي پاڻي ڇڏڻ جي نتيجي ۾ ٺهي آهي، جيڪا وسيع ميداني علائقن تي مشتمل آهي.
ڪيميائي عمل دخل جي ڪري به ڍنڍون وجود ۾ آيون آهن، جن مان هڪ مثال سنڪ هول ڍنڍ (Sink Hole Lake) جو آهي، اڪثر انهن علائقن ۾، جتي چن جي پٿرن (Lime stone) جا تهه مٿاڇري جي نزديڪ هجڻ ڪري هيٺان پاڻي چن جي پٿرن کي ڳاري ٿو، جنهن سبب کڏا پون ٿا ۽ پاڻي هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. عام طرح اهي سنڪ هول ڍنڍون (Sink Hole Lakes) فلوريڊا پينسلوينيا جو زميني حصو آهن.
قدرتي عمل کان سواءِ هٿرادو/ مصنوعي طريقي سان به ڍنڍون وجود ۾ آيون آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمدورفت جي سهوليتن ۽ ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ بند ٺاهيا ويا، جن درياهن جا وهڪرا روڪي، هٿرادو ڍنڍون ٺاهيون، جهڙوڪ: ايريزونا ۽ پاويل ڍنڍون، جيڪي ڪولوراڊو نديءَ سان ڀريون وڃن ٿيون.
سنڌ ۾ به تقريباً 1200 کان وڌيڪ قدرتي توڙي هٿرادو، مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جون ننڍيون وڏيون ڍنڍون وجود رکن ٿيون، جيڪي ڪچي، ڪاڇي، ڪوهستان، ٿر، کيرٿر، سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۽ ٻين هنڌن تي موجود آهن. انهن ڍنڍن جو سنڌ جي ماحوليات ۽ اقتصاديات ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.
ايامن کان وٺي سنڌو درياهه پنهنجا وهڪرا بدلائيندو رهيو آهي. ماهرن موجب سنڌ ۾ اهڙو ڪو به زمين جو حصو نه آهي، جتان هي درياهه نه وهيو هجي. سنڌو درياهه سنڌو ماٿريءَ جي اُلهندي طرف کيرٿر جابلو سلسلي کان وٺي جيسلمير ۽ ٿر جي ريگستان تائين مختلف وقتن تي پنهنجا وهڪرا ۽ گس بدلائيندو رهيو آهي. نتيجي طور پراڻو وهڪرو به ٻه درياهي روپ ۾ وهندو رهندو هو، جيڪو بعد ۾ ڪجهه سالن کان پوءِ اصلي نياڻ ۾ وهندو هو. پراڻو وهڪرو پاڻيءَ جي چاڙهه سبب ڀرجي وهندو آهي ۽ اڳتي هلي سياري ۾ گهٽجي ويندو آهي. جڏهن پوئين پراڻي وهڪري جو منهن ڀرجي ويندو آهي ته پوءِ اهو ’پراڻ ڍنڍ‘ سڏبو آهي. اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪڏهن پراڻي وهڪري جو ڊگهو نياڻ ٻه ٽي ڍنڍون ٺاهيندو آهي. پراڻ ڍنڍ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻين قسمن جون ڍنڍون به موجود آهن، جيڪي هن ريت آهن:
ٻٽ ڍنڍ: هي ڍنڍ جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ڪنهن به طرف کان درياهه جو پاڻي داخل ٿي نه سگهندو آهي. هن قسم جي ڍنڍن ۾ عام طرح برسات جو پاڻي بيٺل هوندو آهي.
منهن ڇوڙ ڍنڍ: هنن ڍنڍن جا منهن درياهه جي طرف کان کليل هوندا آهن. درياهه هن قسم جي ڍنڍن جي ڀرسان وهندو آهي. هي ڍنڍون سنڌوءَ ۾ چاڙهه جي موسم ۾ درياهه جي پاڻيءَ سان ڀربيون رهبيون آهن. بعد ۾ جڏهن پاڻيءَ ۾ لاهه ٿيندو آهي ته پوءِ اهڙين ڍنڍن جا منهن بند ڪري ڇڏبا آهن.
ڪنب ڍنڍ: هن قسم جي ڍنڍ تڏهن وجود ۾ ايندي آهي، جڏهن درياهه پنهنجو وهڪرو/ رخ بدلائيندو آهي يا پائڪ/ پائيندڙ ڪندو آهي ته درياهه جي زور آوريءَ واري جاءِ کي آجهار چئبو آهي. درياهه جو نئون وهڪرو پائڪ وسيلي ڪيترا ميل نئين نياڻ ٺاهي ڪنهن پراڻي نياڻ ۾ به وهڪرو ٺاهيندو آهي. آجهار واري پائڪ، زمين جي اندرئين تهه يعني چُوئيءَ تائين ويندي آهي. سالن جا سال انهيءَ ڪنب ۾ پاڻي موجود هوندو آهي. کوهن وانگر پاڻي ٻنڀ ڏئي ڪنب ۾ وڌندو آهي ۽ پُرهئون تار ڪنب ڪافي سال موجود رهندو آهي. ان ۾ پکي ۽ مڇيءَ جي پيداوار ۽ شڪار ٿيندو آهي. ڪنب واري ڍنڍ ۾ شروعاتي سالن ۾ ڪو به گاهه نه ٿيندو آهي. خيرپورميرس ضلعي جي ڪنب شهر واري جاءِ تي قديم وقت ۾ ڪنب/ ڪنب ڍنڍ هوندي هئي.
مانسرور ڍنڍ: تازي پاڻيءَ جي هن وڏي ڍنڍ مان سنڌو درياهه نڪري ٿو، هيءَ ڍنڍ تبت جي مٿانهين پٽ ۾ واقع آهي. چين جي علائقي لهسه کان 940 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي تبت جي خودمختيار علائقي ۾ هيءَ ڍنڍ چين ۾ ماپم يمڪو (Mapam Yumco) جي نالي سان مشهور آهي. هن ڍنڍ جي اولهه ۾ رڪشتل (Rakshastal) نالي ڍنڍ ۽ اتر ۾ ڪئلاش پربت واقع آهي. هن ڍنڍ جي ايراضيءَ تقريباً 4590 چورس ميٽرن تي مشتمل آهي. سمنڊ کان هن ڍنڍ جي اوچائي 15060 فوٽ آهي. هن ڍنڍ جو پاڻي لوڻياٺو/ کارو آهي. هيءَ ڍنڍ گول دائري جي شڪل ۾ 88 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، هن ڍنڍ جي گهرائي تقريباً 90 ڪلوميٽر آهي. هيءَ ڍنڍ قدرتي طور Gangachhu جي آبي رستي وسيلي رڪشتل ڍنڍ سان جڙيل آهي.
ڪولاب ڍنڍ: هي به ڍنڍ جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ درياهه جا ڇڇ، چاڙهه جي مند ۾ وهڪرن وانگر وهندا آهن. درياهه جو پاڻي جڏهن ڇينهرو کائيندو آهي ته اهي ڇڇ ڌار ڌار ڍورن جي صورت ۾ وهندا آهن، جن ۾ مڇي به مرندي آهي ۽ پکي به لهندا آهن. سنڌ ۾ ٻه ڪولاب مشهور آهن: جيئل ڪولاب ۽ سيال ڪولاب. جيئل ڪولاب آڳاٽي وقت ۾ هڪ وڏي ڍنڍ هئي. هن ڍنڍ جي نسبت سان ضلعي خيرپور ميرس جي ڳوٺ ٽنڊي مستيءَ جي اولهه ۾ هڪ ڳوٺ آباد آهي، جڏهن ته آڳاٽي وقت ۾ سيال ڳوٺ سان گڏ سيال ڪولاب وارو درياهي وهڪرو وهندو هو ۽ درياهه جو هڪ وڏو بندر هو. هاڻي به چاڙهه وارن ڏينهن ۾ سيال ڪولاب ۾ درياهه جي اُٿل جو پاڻي ايندو آهي، پر سيال ڪولاب جي پيٽ واري زمين آباد ٿيندي رهي ٿي. روايت موجب آڳاٽي وقت ۾ هن ڍنڍ جو وهڪرو کيڙا ڪيٽيءَ کان وهي دادو- موري پُل واري روڊ کان گهڻو اڳتي نڪري ويندو هو.
سنڌ ۾ ڪيتريون وڏيون ۽ ننڍيون ڍنڍون موجود آهن، جن مان: منڇر ڍنڍ (ضلعو: دادو/ ڄامشورو)، ڪينجهر ڍنڍ (ٺٽوحمل ڍنڍ، چڱڙي ڍنڍ، لنگهه ڍنڍ (قنبر)، چوٽياريون ڍنڍ ۽ ڪاڪاهو ڍنڍ (سانگهڙ) پنهنجي وسعت ۽ تاريخي واقعن سبب مشهور آهن. ان کانسواءِ ڀٽ شاهه واري ڪراڙ ڍنڍ پڻ مشهور آهي، جنهن جو وڏو حصو هن وقت آباديءَ هيٺ اچي ويو آهي ۽ مختصر ڍنڍ بچي آهي، جنهن جي پاسن کي ثقافت کاتي پَڪو ڪرائي، ان کي هڪ تفريحي ماڳ جي صورت ڏني آهي. ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز جي مزار پڻ موجود آهي.


لفظ ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

ڍنڍ - مان نڪتل ٻيون شاخون-

بازار ڍنڍ
چڱڙو ڍنڍ
ڇاري ڍنڍ
ڇُٽي جي ڍنڍ
ڇڇ 1
حاجي اسماعيل پير ڍنڍ
حمل ڍنڍ
حيار ۽ ٻيلو ڪنب
دُري ديرو ڍنڍ
ڏاوڇ ڍنڍ
ڏوگريون ڍنڍ
ڏيپارچا ڍنڍ
ڊرگهه ڍنڍ
ڊنءُ ڍنڍ
ڍنڍ
راڄڙي ڍنڍ
راوت لغاري ڍنڍ
راهين ڍنڍ
رتڙائو ڍنڍ
رحماني ڍنڍ
آباد ڍنڍ
پاٻيڙو ڍنڍ
چار ڍنڍ
چڪڻ ڍنڍ
ساروهه ڍنڍ
سامارو ڍنڍ
ساوڙي ڍنڍ
سُتيارو
سپنا ڍنڍ
سُچاري ڍنڍ
سڌ واهه
سرائي شوڪت علي خان واري ڍنڍ
سرجاري ڍنڍ
سرن واري ڍنڍ
سسئي ڍنڍ
سن ڍنڍ
سنگي ڪباب
سنهاري ڍنڍ
سنهري ڍنڍ
سنهري ڍنڍ2
سوڀناريءَ جي ڍنڍ
سومري ڍنڍ
سونا ٻِنڊي ڍنڍ
سوني ڍنڍ
سير ڍنڍ 1
سير ڍنڍ 2
سيف الملوڪ ڍنڍ
سنڌ جون ڍنڍون 1
شڪر ڍنڍ
شينهن واري ڍنڍ
جهالڪي ڍنڍ
خوف ڍنڍ
ساڀي واري ڍنڍ
پڇڙي ڍنڍ
پراڻا جتوئي ڍنڍ
پراڻي ديري واري ڍنڍ
پنبي2:
پيٽ ٻڍي واري ڍنڍ
ڀولو واري ڍنڍ
جھان خان ڍنڍ
ٻوٽار ڍنڍ

ڍنڍ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سسئي ڍنڍ
ڊنءُ ڍنڍ
سنهري ڍنڍ2
ڏيپارچا ڍنڍ
ڏاوڇ ڍنڍ
سرن واري ڍنڍ
پراڻا جتوئي ڍنڍ
سرائي شوڪت علي خان واري ڍنڍ
آباد ڍنڍ
سوڀناريءَ جي ڍنڍ
ڍنڍ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون