ڍگهانا

ڍگهانا

ڍگهانا ماڳ مان مليل ٺڪراٺي جا نمونا

ڍگهانا ماڳ مان مليل ٺڪراٺي جا نمونا

ڍگهانا

ڍگهانا (Dhighana): هي ڳوٺ ڀارت جي هرياڻا صوبي جي جولانا شهر جي اتر- اولهه ۾ 17 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هن ڳوٺ جي حدن اندر قديم سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل ڍنگهانا نالي ماڳ 29° 12' 12.3" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 27' 06" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هتي ڪل ٽي دڙا آهن. اصل ۾ هي هڪ ئي ماڳ آهي، پر دڙا حصن ۾ ورهايل آهن. ڍنگها-1 کي مقامي ماڻهو ’ڊوليسر والا کيرا‘ چوندا آهن. هي دڙو 1.5x15x 170 ميٽرن جي ماپ جو آهي. هن ماڳ جي ڪل پکيڙ 10 هيڪٽر (24.71 ايڪڙ) آهي. دڙي جي اوچائي ڏيڍ ميٽر آهي. سڄو ماڳ پوکيءَ هيٺ آهي. جيئن ته هيءَ ماڳ ڪافي پکيڙ رکي ٿو. ان لاءِ هن کي شهر جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو. هنڌ جي لحاظ کان به اهميت جوڳو آهي جو راکي ڳڙهيءَ جو مشهور ماڳ هتان 35 ڪلو ميٽر پري آهي. هـتان اڳ هــڙپائي (Pre Harappa)، سنڌوءَ جي اوج (Mature) ۽ پوءِ هڙپائي (Post Harappa) دورن جون وٿون مليون آهن. ان کان سواءِ تاريخي دور جي والار جا ڪجهه آثار به موجود آهن. کوٽائيءَ دوران هتان ٻه رنگو ٺڪر ۽ چاڪليٽي لِيڪ وارو ٺڪر مليو آهي. پٿر جا ٽڪر، ٽامي جون شيخون، ڏاند گاڏين جا ٺڪر جا ٺهيل ڦيٿا، ڏاند گاڏيءَ جا رانديڪا، ڍڳي جون مورتيون، ٽڪنڊيون ٽڪيون ۽ ٺڪر جون چوڙيون ملن ٿيون. اهڙيءَ ريت 29° 12' 19.5" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 26' 53.2" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي پهرين ماڳ جي اتر- اولهه ۾ 200 ميٽرن جي پنڌ تي ڍگهانا-2 نالي سان دڙو موجود آهي. هتان به کوٽائيءَ کان پوءِ اوائلي سنڌو تهذيب، سنڌو تهذيب جي اوج واري دور، پوءِ تهذيب '>سنڌو تهذيب (Post Indus Civilization) ۽ تاريخي دؤر جا آثار ملن ٿا. هي دڙو ٽن هيڪٽرن (7.41 ايڪڙن) ۾ ڦهليل آهي، جڏهن ته دڙي جي اوچائي ٻه ميٽر آهي. هتان ملندڙ نوادرات ۾ پٿر جا مڻيا، ٺڪراٺو، عقيقي مڻيا ۽ چوڙا ملن ٿا. کوٽائيءَ دوران هتان ڪجهه سرون ۽ چٽيل ٺڪر به مليو آهي. اهڙو ٽيون دڙو 29° 13' 27.1" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 26' 24.3" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي، جنهن تي ڪنهن وقت ’کيرا ديونا‘ جو مندر اڏيل هو، جيڪو وچئين تاريخي دؤر ۾ آباد هو. هتان تاريخي دؤر جي ٿانون جو ٺڪراٺو ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو