ڏهُوڪو

ڏهُوڪو: هيءُ لوڪ گيت جو هڪ قسم آهي. هيءُ گيت ٿرپارڪر واري پاسي جو گيت آهي، جو اڪثر ٻنين ۾ ڪم ڪندي يا اٺن تي سواري ڪندي ڳايو ويندو آهي. ’ڏهوڪو‘ جي لفظي معنيٰ آهي ’سڏ ڪرڻ، هوڪو ڏيڻ‘. موضوع جي لحاظ کان هيءُ محبت ۽ مجاز جو گيت آهي، جنهن ۾ عورت جي زباني پنهنجي مڙس جي انتظار جو بيان آهي. ڏهوڪو پهريائين ڪنهن عورت پنهنجي مڙس جي ياد ۾ چيو، جو پوءِ لوڪ گيت جي حيثيت سان مشهور ٿيو. هن گيت ۾ عورت پنهنجي پرديس ويل مڙس کي ياد ڪري چوي ٿي ته: اتر جو واءُ وريو آهي، هاڻي سگهو اچ ۽ وري مڙس کي مخاطب ٿي چئي ٿي ته: عمر ڪوٽ وڃين ته منهنجي لاءِ چُني آڻج، روهڙيءَ مان دهري آڻج، پر جي ولايت وڃين ته اتان گلاس آڻج. هيءُ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي. سُرَ سان چوڻ وقت، مصرعن جي اڳيان ۽ پٺيان وراڻيءَ طور ’ڏهوڪي ماري ڏو‘ جا لفظ چوندا آهن. هن گيت جا ٻول هن طرح آهن:
جي ٿي ڀاجان، ڪُر ٿي لاجان،
ڏهوڪي ماري ڏو!
نگر جائي، گُگر لائي،
ڏهوڪي ماري ڏو!
ولايت جائي، گلاس لائي،
ڏهوڪي ماري ڏو!
سکر جائي، وکر لائي،
ڏهوڪي ماري ڏو!
روهڙي جائي، دوهري لائي،
ڏهوڪي ماري ڏو!
ڪانٽيي جائي، ساٽين لائي،
ڏهوڪي ماري ڏو!
امراڻي جائي، چُنڙي لائي،
ڏهوڪي ماري ڏو!
پِپان پڪي، لُلر پڪو،
ڏهوڪي ماري ڏو!
سينگر پڪا، پيلو پڪا،
ڏهوڪي ماري ڏو!
واهوندو وائي، جاني تون آئي،
ڏهوڪي ماري ڏو!
اُتريو وائي، اُرهيڪو آئي،
ڏهوڪي ماري ڏو!


هن صفحي کي شيئر ڪريو