ڏيرا

ڏيرا (ذات): هي علمي ۽ فقيري گهر وارو قبيلو/ ذات آهن. ضلعي سانگھڙ ۾ سندن آباديءَ جي گهڻائي آهي. آڳاٽي وقت کان غوث صاحب جي دؤر کان، سندن وڏا غوثي طريقي جا فقير هئا، جن مان ’سايات‘ (سائي ويس وارا) ۽ ڌئونريات (سفيد ويس وارا) مشهور ٿيا. شاهه لطيف جا ناناڻا به ڏيرا ذات مان هئا.
ڏيرن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي سنڌ جا ملاح، مهاڻا ۽ سما آهن، ڪجهه تحقيقي رايا هن طرح مليا آهن:
(الف) سنڌ ۽ ڪڇ جي سمن مان سردار پليءَ کي ٻه پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو ساند هو، ان ساند کي ست پٽ هئا، هڪڙي پٽ جو نالو ڏيره هو، ان ڏيري جي اولاد پاڻ کي ’ڏيرا‘ سڏايو، انهن مان جيڪي ٿر ۽ ڪڇ ۾ رهيا اهي ٿر ۽ ڪڇ وارا ڏيرا سڏجن ٿا.
(ب) 1911ع واري هندستان جي آدمشماري پڌرنامي ۽ موجب ’ڏيرا‘ ملاح آهن.
(ج) ڊاڪٽر غلام علي الانا ڏيرن کي مڇي مارڻ وارو ملاح لکيو آهي. ڏيرن جا خاص پاڙا: ثابت پوٽا، خيراڻي، دريجا، سياهه، گهراماڻي، وزيراڻي ۽ يوسفاڻي آهن.


لفظ ڏيراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو