سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
خط خوشيءَ مان کول (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور شاعر راشد مورائيءَ ڏانهن 507 شخصيتن جي لکيل خطن جو مجموعو آهي. راشد مورائيءَ جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا خط شامل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي خطن جي تاريخ جو هي واحد ڪتاب آهي، جنهن ۾ مڪتوب اليھ جو پنهنجو ڪو به خط شامل نه آهي. هن ڪتاب جي وڏي خصوصيت اها آهي جو اڳي جيڪي به خطن جا ڪتاب ڇپيا آهن، اهي ڪنهن خاص حلقي يا مخصوص ماڻهن جا خط آهن، پر هن ڪتاب ۾ سائين جي. ايم. سيد جهڙي شخصيت کان وٺي عام دوستن ۽ غير معروف اديبن جا به خط شامل آهن. سنڌ جي ادبي تاريخ جو هيءُ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ 507 ماڻهن جو هڪ هڪ خط شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ سنڌ جي سموري ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ جي عڪاسي نظر اچي ٿي. ڪتاب جو انتساب مرتب پنهنجي من پسند شخصيت سائين جي. ايم. سيد جي نالي ڪندي لکيو آهي ته: ”جنهن پنهنجن دوستن جا خط ڇپائي، مون کي اتساهه بخشيو ته مان به پنهنجن محسنن جا خط ڪتابي صورت ۾ آڻي پڌرا ڪريان. ڪتاب جو پبلشر المهراڻ فائونڊيشن، سانگهڙ جو عاجز منگي آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مهاڳ قومي دانشور عبدالواحد آريسر لکيو آهي. ڪتاب جو نالو شاهه ل....وڌيڪ پڙهو