صفحو تياريءَ هيٺ آهي
.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي: مختصر تعارف

19 نومبر 1990ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي ائڪٽ 1972ع ۽ ترميمي ائڪٽ  1991ع موجب، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو قيام، فيبروري 1991ع ۾ عمل  ۾ آيو. اداري جو پهريون ۽ باني چيئرمئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٿيو، جنهن اداري جا قاعدا قانون تيار ڪرائي منظور ڪرايا ۽ انهن موجب اداري جو ڪم ڪار هلايو.
اٿارٽيءَ ۾ هن وقت تائين مقرر ٿيل چيئرپرسن:


نمبر

نالو

ڪڏهن کان ڪيستائين

جملي مدو

1

 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

5 فيبروري 1991ع کان  6 مارچ 1994ع تائين

3 سال، هڪ مهينو،  هڪ ڏينهن

2

ڊاڪٽر نواز علي شوق

6 مارچ 1994ع کان 3 اپريل 1995ع  تائين

هڪ سال، هڪ مهينو

3

ڊاڪٽر نبي بخش قاضي

3 اپريل 1995ع کان 17 نومبر 1996ع تائين

هڪ سال، 6  مهينا، 15 ڏينهن

4

جناب ممتاز مرزا (واڌو چارج)

17 نومبر 1996ع کان 6 جنوري 1997ع تائين

1 مهينو، 20 ڏينهن

5

جناب امر جليل (اعزازي)

7 جنوري 1997ع  کان 5 مئي 1997ع تائين

4 مهينا، 2 ڏينهن

6

جناب عبدالحميد سنڌي

6 مئي 1997ع کان 22 جولاءِ 1998ع تائين

1 سال، 3 مهينا، 20 ڏينهن

7

ڊاڪٽر غلام علي الانا

22 جولاءِ 1998ع کان 31 جولاءِ 2001ع تائين

3 سال، 10 ڏينهن

8

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

1 آگسٽ 2001ع کان  15 فيبروري 2005ع تائين

3 سال، 5 مهينا، 15 ڏينهن

9

جناب اين ڊي جتوئي (واڌو چارج)

16 فيبروري 2005ع کان 15 سيپٽمبر 2005ع تائين

7 مهينا

10

جناب عبدالقادر جوڻيجو

15 سيپٽمبر 2005ع کان 10 مئي 2008ع تائين

2 سال، 5 مهينا، 25 ڏينهن

11

ڊاڪٽر فهميده حسين

28 مئي 2008ع کان

هلندڙ

28 مئي 2008ع کان سنڌي ٻوليءَ جي اسڪالر ۽ اديب ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن جي حيثيت ۾ چارج ورتي. چارج وٺڻ کان پوءِ اداري جي انتظامي ڪاروهنوار ۽ مالياتي ڊسيپلين کي بهتر بڻايو ويو، فنڊن جي واڌ ڏانهن ڌيان ڏنو ويو ۽ غير فعال شعبن کي متحرڪ ڪيو ويو.  ڊاڪٽر صاحبه اڳين متحرڪ چيئرمينن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي شروع ڪرايل اهم علمي رٿائن مان ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ڪم کي فعال بڻايو ۽ ’دفتري لغت‘ جهڙي اهم دستاويز  کي تيار ڪرائي شايع ڪرايو. ان کان سواءِ ڪيترائي ڪتاب ۽ ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جا 10 پرچا تيار ڪرائي ڇپرايا ويا آهن. حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ڪراچيءَ،  مٺيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ درست استعمال جي ڏس ۾ ڪيترائي سيمينار، ورڪشاپ،ڪانفرنسون ۽ ادبي پروگرام ڪرايا ويا.  سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ هڪ اهم ڊرافٽ تيار  ڪرائي، قومي  اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ  صوبائي وزير ثقافت ۽ مرڪزي وزير ثقافت کي ڏنو ويو. سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي يقيني بنائڻ لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ کي تاڪيدي خط لکيا ويا. ترجمي ۽ ٽرانسليٽريشن لاءِ نئون شعبو قائم ڪيو ويو آهي. سنڌي ڊڪشنري بورڊ جي قيام لاءِ سرڪار سان لکپڙهه ڪئي وئي ۽ ’سنڌي ڊڪشنري سيل‘  قائم ڪري ڪم شروع ڪرايو ويو آهي. سنڌي ڪمپيوٽنگ سسٽم کي بهتر بنائڻ، سنڌيءَ ۾ مختلف سافٽ ويئرن جي تياريءَ لاءِ ’سنڌي انفرميٽڪس شعبي‘ کي ترقي ڏياري وئي. ٻارن جي ادب واري شعبي کي فعال ڪري، ٻارن جي ڪتابن شايع ڪرڻ سان گڏ نصابي ڪتابن ۾ موجود ٻارن جي  گيتن ۽ نظمن جون آڊيو سي ڊيون تيار ڪرايون ويون،  حيدرآباد جي مختلف علائقن: لطيف آباد، ڦليلي (پريٽ آباد) ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي نه ڄاڻندڙ  شهرين لاءِ ’سنڌي سکيا  جا ڪلاس‘ هلايا ويا، جيڪي بدستور هلي رهيا آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان "آئیے سندھی سیکھیں"پروگرام شروع ڪيو ويو ۽ ساڳئي پروگرام جو ڪتاب ڇپايو ۽ سي.ڊي تيار ڪرائي وئي.  اداري اندر ’اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف هيريٽيج آف سنڌ‘ جي سهڪار سان سائونڊ اسٽوڊيو تيار ڪرائي، رڪارڊنگ جي لائق بڻايو ويو آهي، لائبريريءَ لاءِ نون ڪتابن جي خريداري ڪئي وئي آهي، جيڪا وقت به وقت جاري آهي. بائينڊنگ سيڪشن قائم ڪرائي، پراڻا ڪتاب ۽ اخبارون جلد بند ڪرايون ويون آهن  ۽ وڌيڪ جلدبندي جاري آهي. اٿارٽيءَ جي ڪتابن سان گڏ ٻين ادارن جي ڪتابن جي وڪري کي بهتر بڻايو ويو آهي. اهڙيءَ ريت مختلف شعبن جي جوڙجڪ بهتر بڻائي وئي آهي. اٿارٽيءَ جي ملازمن  جي مستقل مفاد ۽ مستقبل جي تحفظ لاءِ بورڊ آف گورنرس کان سندن پينشن ۽ گرئجوئيٽي منظور ڪرائي لاڳو ڪيون ويون آهن ته جيئن هو دلجمعيءَ سان پنهنجون ذميداريون نڀائي سگهن ۽ ادارو پنهنجا  مقصد ماڻي سگهي.


سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انتظامي جوڙجڪ

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي آئيني جوڙجڪ موجب چيئرپرسن اداري جو/ جي اعليٰ منتنظم (Chief executive)   هوندو/ هوندي آهي. کيس اُن جي عملي ۽ انتظام، ماليات ۽ ٻين سمورن شعبن تي اختيار هوندو آهي. چيئرپرسن جي مقرري سنڌ جو وزيراعليٰ ڪندو آهي، جيڪو اٿارٽيءَ جو نظام هلائڻ لاءِ هڪ بورڊ آف گورنرس پڻ مقرر ڪندو آهي، جنهن جي جوڙجڪ هن ريت هوندي آهي:


(الف)  سربراهه: چيئرپرسن
(ب ) علمي ادبي شخصيتن مان ٻارهن (12) غير سرڪاري ميمبرَ، جن جون علم، ادب، سماج ۽ ثقافت لاءِ خدمتون هجن.
(ٻ) پنج سرڪاري ميمبر : (1) پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جو چيئرمئن، (2) سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، (3) سيڪريٽري تعليم، حڪومت سنڌ (4) سيڪريٽري ڪلچر، حڪومت سنڌ، (5) سيڪريٽري ناڻو کاتو، حڪومت سنڌ.


بورڊ آف گورنرس جي هن ڄاڻايل (ٽه سالا) مُدي دوران پنجن سرڪاري ميمبرن سان گڏ هيٺيان ميمبر نامزد ٿيا:


(1) جناب محمد ابراهيم جويو (2) جناب سرفراز راڄڙ (3) ڊاڪٽر غلام علي الانا (4) پروفيسر قلندر شاهه لڪياري (5) سيد حاڪم علي شاهه بخاري (6) ڊاڪٽر حبيب الله صديقي (7) ڊاڪٽر پروين شاهه (8) امداد حسيني (9) جناب لعل بخش منگي (10) محترمه نذير ناز (11) نورالهدى شاهه (12) ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو.


چيئرپرسن


28 مئي 2008 کان اداري جي چيئرپرسن نامياري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين آهي، جنهن وٽ ٽيهن سالن جي ادب ۽ لسانيات پڙهائڻ ۽ ٻارهن سالن جي انتظامي تجربي سان گڏ ڪيترن ئي ڪتابن جي تصنيف ۽ تاليف، ترجمي ۽ ايڊيٽنگ جو تجربو هئڻ سبب، هن اٿارٽيءَ ۾ انقلابي تبديليون آڻي، ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي عوام ۾ ان کي هڪ مانائتو ادارو بڻايو آهي. سيڪريٽري سيڪريٽريٽ ۽ اداري جا سمورا شعبا چيئرپرسن جي، هدايت، رهنمائي ۽ منظوريءَ سان نهايت خوش اسلوبيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. چيئرپرسن سيڪريٽريٽ ۾ هڪ پي اي/ سينيئر ڪلرڪ، هڪ اسٽينو گرافر ۽ ٻه نائب قاصد ڪم ڪري رهيا آهن.


سيڪريٽري


اداري جي انتظامي معاملن کي هلائڻ ۽ چيئرپرسن جي رهنمائيءَ ۾ مالي، اشاعتي، ادبي ۽ تربيتي پروگرامن، سيمينارن ۽ ڪانفرنس ڪرائڻ ۽ اداري جي سموري سرگرميءَ جو ذميوار اداري جو سيڪريٽري هوندو آهي. اداري جي سيڪريٽريءَ جي مقرري چيئرپرسن جي سفارش تي ثقافتي کاتي معرفت وزيراعليٰ سنڌ ڪندو آهي. سيڪريٽري اداري جو DDO به هوندو آهي، جيڪو هر مالي توڙي انتظامي معاملي جي چيئرپرسن کان منظوري حاصل ڪندو آهي. هن وقت اداري جو سيڪريٽري ناليوارو اديب ۽ دانشور تاج جويو آهي، جنهن کي هن ئي اداري ۾ هن کان اڳ پنجن سالن جو انتظامي تجربو حاصل هو. هو گذريل ٽن سالن کان اداري جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ احسن طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. سيڪريٽريءَ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اسٽينو ٽائپيسٽ، هڪ ڪمپويٽر آپريٽر، هڪ جونيئر ڪلارڪ ۽ ٻه نائب قاصد ڪم ڪري رهيا آهن.


ان سان گڏ اداري جي سموري مالي ڪاروبار سنڀالڻ جو ڪم ”اڪائونٽس شعبي“ جي حوالي آهي، جنهن ۾ هڪ اڪائونٽس آفيسر احسان ميمڻ، هڪ اڪائونٽس سپرنٽينڊنٽ فدا حسين سومرو، ٻه سينيئر ڪلرڪ، هڪ جونيئر ڪلرڪ ۽ هڪ نائب قاصد ڪم ڪري رهيا آهن. هي شعبو چيئرپرسن ۽ سيڪريٽريءَ جي نگرانيءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ اداري جي سالياني بجيٽ ٺاهڻ، پگهارن جا بل ٺاهڻ، مختلف شعبن جي ادائگين، اداري اندر مختلف اسمن جي پرچيزنگ ڪميٽيءَ ذريعي خريداري ڪرڻ ۽ سالياني آڊٽ ڪرائڻ، گرانٽون جاري ڪرائڻ وغيره جو ڪم ڪندو آهي.


ان کان سواءِ ”ائڊمن شعبو“ اداري جي سموري لکپڙهه يعني روانگي ۽ آمد جو رڪارڊ رکندو آهي. هن شعبي جي ڪمن ۾ ملازمن جا سروس بڪ تيار ڪرڻ، مخفي رپورٽون (ACRs) سنڀالي رکڻ، پڪين، ريزڪي ۽ طبي موڪلن جو حساب ڪتاب رکڻ وغيره شامل آهي. هن شعبي جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر محترم هارون عباسي، آفيس سپرنٽينڊنٽ سيد بخشل شاهه ۽ آفيس اسسٽنٽ ڪريم پاشا آهن، جڏهن ته هن ئي شعبي کي هڪ نائب قاصد به ڏنل آهي.


اهڙي طرح اداري جي پبليڪيشن آفيسر محترم خالد آزاد کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جنرل (ائڊمن) جي چارج ڏئي، ڌار آفيس ڏني وئي آهي ته  جيئن هو اداري جي سيڪريٽريءَ کي انتظامي ۽ دفتري ڪمن ۾ مدد ڪرڻ سان گڏ ”ٻارن جي ادب شعبي“ کي به سنڀاليندو آهي.


www.sindhila.org سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي آفيشل ويب سائيٽ

 

مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن