صفحو تياريءَ هيٺ آهي
.
ڊجيٽل دور

ڊجيٽل دور


انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ شروعاتي ڊجيٽل پبلشنگ آهي، جيڪا اربع 14 ڊسمبر 2011 تي آن لائين ٿي، ٻين عالمي انسائيڪلوپيڊيائن وانگر هيءَ به مڪمل طور تي (ڪنٽينٽ مينيجمينٽ سسٽم) تحت ڊزائين ڪئي وئي آهي، هن جي پروگرامنگ پي ايڇ پي، ماءِ ايس ڪيو ايل ۽ جاوا ۾ ٿيل آهي، ٻين انسائيڪلوپيڊيائن جي نسبت هن ۾ اها خاصيت آهي ته هيءَ هڪ گھڻ رخي (ملٽيڊائريڪشنڪل) ڊزائين آهي، ڪنهن به موضوع جي باري ۾ وڌ کان وڌ پاسن کان ڄاڻ ڏئي ٿي، هن جو لي آئوٽ اوهان کي وڻ ۽ ان جي شاخن وانگر معلومات مهيا ڪندو، جيئن اوهان ڪنهن به موضوع جي باري ۾ وڌ کان وڌ ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهو ٿا، ان کان سواءِ ڪنهن به آرٽيڪل جا ڪي ورڊس يا لاڳاپيل خاص لفظ اوهان کي ان داخلا سان لاڳاپيل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ٻين داخلائن سان ڳنڍيندا.  ان حوالي سان هيءَ دنيا جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا آهي جنهن ۾ اهي خاصيتون شامل آهن.
جلد ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي سي ڊي يا ڊي وي ڊي پڻ متعارف ڪرائيندي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان لاڳاپيل ڊجيٽل ٽاسڪس ۾ ارونا حسين (آسٽريليا کان)، انيس ڪاڪا، فهد ميمڻ  ۽ اسان جي ڪمپيوٽر اسپيشلسٽ ٽيم (ڏسو ڪمپيوٽر اسپيشلسٽ ٽيم) تمام گهڻو ڪم  ڪيو آهي جن جي بدولت اڄ اوهان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا کي آن لائين ڏسي ۽ ان مان علم پرائي سگهو ٿا.
اسان جي اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو بنيادي مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ترقي آهي، ان سلسلي ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويب سائيٽ ان مقصد جي هڪ ڪڙي آهي، پڙهندڙن جي مشورن سان هن پراجيڪٽ ۾ بهتريون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ته جيئن سنڌي ٻولي علمي ادبي توڙي سائنسي حوالن سان ٻين عالمي ٻولين ۾ پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪري وٺي ۽ جيئن عام سنڌي ڳالهائيندڙ تائين به آسان ڊجيٽل طريقن سان تعليم پهچائي سگهجي. اهو هن ڊجيٽل دور ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو مشن آهي. جيئن ته هي پراجيڪٽ پنهنجي نوعيت جو هڪ عالمي پراجيڪٽ به آهي، ڪوشش ڪري سنڌي ٽه انگلش ٽرانسلٽريشن پراجيڪٽ پڻ جلد منظوريءَ بعد ماڻهن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ته جيئن دنيا ۾ ڪو به ماڻهو سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا کي انگريزيءَ ۾ يا رومن ۾ ترجمو ڪري پڙهي سگهي.
هن وقت دنيا جون سرچ انجڻون ڊائنامڪ يو آر ايل تي گهٽ ڪم ڪن ٿيون، خاص ڪري يونيڪوڊ بيسڊ ڊائنامڪ يو آر ايل تي گگل سميت ٻيون ڪيتريون ئي سرچ انجڻون ڪم نه ٿيون ڪن، ۽ هن پراجيڪٽ ۾ ڊائنامڪ يو آر ايل استعمال ڪيل آهن سي به سنڌي ٻوليءَ ۾ مطلب يونيڪوڊ ۾، جنهن جي ڪري ممڪن آهي ته هن پراجيڪٽ جا نتيجا گگل يا ٻين سرچ انجڻن تي اچڻ ۾ وقت وٺن، تيستائين اهو اوهان تي آهي ته اوهان هن ويب سائيٽ کي ڪيترو مشهور ڪيو ٿا ته جيئن اوهان جا ساٿي دوست يار پڻ ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.
هن پراجيڪٽ کي مڪمل طور تي عوامي بڻائڻ ۾ ڪافي رڪاوٽون آهن، جهڙوڪ سنڌ يا پاڪستان ۾ شرح خواندگي يا لٽريسي ريشو ئي گهٽ آهي جنهن جي ڪري تمام گھٽ سيڪڙو ماڻهن جي انٽرنيٽ تائين پهچ آهي، پر اهو پڻ مڃيل تجربو آهي ته جيڪو به ماڻهو شروع شروع ۾ انٽرنيٽ سان ڳنڍبو آهي ته هو سڀ کان پهريان پنهنجي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مواد يا ويب سائيٽون استعمال هيٺ آڻيندو آهي، هي پراجيٽ مڪمل طور تي ريسرچ کي نظر ۾ رکي بڻايو ويو آهي جيڪو انٽرنيٽ جي نون استعمال ڪندڙن کي توڙي ڪنهن به شعبي سان لاڳاپيل فردن کي ريسرچ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪري سگهي ٿو.


 

مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن