تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** آڏواڻي ، ڪلياڻ **

آڏواڻي، ڪلياڻ: ڪلياڻ آڏواڻي مشهور عالم ۽ اديب 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو، ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو ۽ بمبئي ۾ وڃي رھيو. ھن جي تحقيق جو موضوع سنڌي زبان جا 3 باڪمال شاعر شاھ، سچل ۽ سامي رھيا. ورھاڱي کان اڳ سندس مقالا ۽ مضمون مخزن ڦليلي، رسالي ”سنڌ“ ۽ لطيف ٻاري ۾ شايع ٿيا. انھن کان سواءِ 1946ع ۾ سنسڪرت جي مشھور ڊرامه نويس ڪاليداس جي جڳ مشھور ڊرامي ”شڪنتلا“ جو ترجمو ڪيائين. جنھن تي کيس سنڌ سرڪار طرفان انعام مليو. ورھاڱي کان پوءِ سندس ٽي مشھور ڪتاب ڇپيا. جن ۾ ”شاھ“ (1951ع)، ”سامي“ (1953ع) ۽ ”سچل“ (1954ع) شامل آھن. ھنن ڪتابن ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعرن جو ڳوڙھو تنقيدي اڀياس ڏنو ويو آھي. 1958ع ۾ شاھ جو رسالو مرتب ڪيائين، جنھن ۾ ھر بيت جي معنيٰ ۽ سمجھاڻي ان بيت جي سامھون ڏنائين، جنھنڪري ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ شاھ جي رسالي جي سولي سمجھاڻي ڏنل نه ھئي ۽ ڪن رسالن ۾ ته مک لفظن جي معنيٰ به ڏنل ڪا نه ھئي. ھن رسالي تي مرتب ۽ محقق کي سنڌي ساھت منڊل بمبئي طرفان 1958ع ۾ گولڊ ميدل مليو، ان کان پوءِ ڪلياڻ آڏواڻي شاھ جو رسالو مڪمل صورت ۾ مرتب ڪري 1966ع ۾ ڇپايو. ان رسالي تي ....وڌيڪ پڙهو