تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** تذڪره روضة السلاطين **

تذڪره روضة السلاطين (ڪتاب ):عوفيءَ جي تذڪري کان پوءِ، سنڌ اندر فارسي گو شاعرن متعلق هي ٻيو تذڪرو، ٺٽي ۾ سال 958هه/ 1551ع ۾ ’فخري هرويءَ‘ نالي هڪ بسيار نويس اديب لکيو. فخري هروي، سنڌ ۾ قيام دوران 961هه/1553ع کان 995هه/1586ع ۾ هي ڪتاب تاليف ڪري شاهه حسن ارغون جي نالي سان معنون ڪيو. هي ڪتاب مرزا شاهه بيگ ارغون ۽ مرزا شاهه حسن جي ڪارنامن بابت وڏي اهميت رکي ٿو. فخري سندس سوانح ۽ مدح ۾ چيل قصيدا ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن. ساڍن چئن سئو سالن بعد جڏهن هي نسخو دستياب ٿيو، ان بعد ان جي اصلي ليکڪ بابت ڄاڻ ملي. هي تذڪرو انهن حڪمرانن، وزيرن ۽ بادشاهن جو آهي، جيڪي شاعر ٿي گذريا آهن. اوائل ۾ قاضي احمد ميان اختر جهوناڳڙهيءَ مرحوم کي هيءُ ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو، پر موت کيس اهو ڪم پورو ڪرڻ جي مهلت ڪانه ڏني. بعد ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب چئن نسخن جي آڌار تي هي تذڪرو ايڊٽ ڪيو، گڏوگڏ ان ۾ پنجين نسخي جو ڏس به ڏنو اٿس. هي تذڪرو ستن بابن تي مشتمل آهي. پهرين باب ۾ ست، ٻئي باب ۾ 11، ٽئين باب ۾ 37، چوٿين باب ۾ 12، پنجين باب ۾ 7، ڇهين باب ۾ 11 ۽ ستين باب ۾ صرف هڪ شاعر مرزا شاهه حسن بيگ ارغون جو ذڪر آهي. هيءُ ڪ....وڌيڪ پڙهو