تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** عبدالقادر بلو **

عبدالقادر بُلو: وطن دوست شخص عبدالقادر بلو، 1894ع ۾ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. انگريزن جي دؤر ۾ ريلوي پوليس جو انسپيڪٽر هو، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪئي هئائين، امتحان دؤران هڪ انگريز انويجيليٽر پاران مسلمانن لاءِ حقارت ڀريل جملن چوڻ تي هن جي ساڻس جهڙپ ٿي هئي، جنهن تي کيس ريسٽيڪيٽ به ڪيو ويو. هي جڏهن ريلوي ۾ انسپيڪٽر هو ته کيس مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي گرفتاريءَ جا وارنٽ ڏئي هڙتال دوران کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، پر هن پنهنجن ڀائرن حسن علي ۽ نور اِحمد جي مدد سان مولانا عبيد الله سنڌيءَ کي، مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي چوڻ تي امروٽ کان ڏاند گاڏيءَ ذريعي روهڙي پهچايو. جتان عبدالقادر کيس ريل ذريعي چمن تائين پهچائي بارڊر ٽپائي افغانستان موڪلڻ جو اعزاز ماڻيو. عبدالقادر جو ڀاءُ نور احمد بلو، مشهور اديب تاج بلوچ جو والد هو، جنهن جي وفات کانپوءِ تاج بلوچ جي پرورش ۽ تعليم جي نگراني عبدالقادر بُلي ڪئي. هي ڄام صادق ۽ ڄام انور عليءَ جو اتاليق به رهيو، آخري عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار ڪيائين.....وڌيڪ پڙهو