تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-12-17 عيسوي تاريخ ۾


1556.12.17ع :   14 صفر 964هه/ 17 ڊسمبر 1556ع تي مرزا عبدالرحيم پيدا ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1845.12.17ع :  آھوجا موھن فقير: صوفي موھن لال ولد پريم داس آھوجا ، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ 17 ڊسمبر 1845ع تي ... وڌيڪ پڙهو 1917.12.17ع :  قاضي عبدالحئي قائل سرشاري ولد قاضي عبدالحق ’عبد‘، 17 ڊسمبر 1917ع تي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1918.12.17ع :   سنڌي ٻوليءَ جي جديد ترقي پسند ڪھاڻيڪار، گوبند پنجابيءَ جو جنم، 17 ڊسمبر 1918ع تي شڪارپور ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1924.12.17ع :  ارجن شاد: سنڌ ۽ هند جي نالي واري شاعر ارجن شاد جو اصل نالو ارجن گوبندرام ميرچنداڻي آهي . سندس جنم ... وڌيڪ پڙهو 1934.12.17ع :  آفتاب احمد شيخ ڀارت جي شهر بنارس ۾، 17 ڊسمبر 1934ع ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1947.12.17ع :  مشهور اديب عبدالله خان ولد ڌڻي بخش مگسي، تعلقي ۽ ضلعي دادو جي ڳوٺ گل محمد مگسيءَ ۾، 17 ڊسمبر 1947ع ت... وڌيڪ پڙهو 1948.12.17ع :   انجو ماکيجا 17 ڊسمبر 1948ع تي پوني (مهاراشٽر، ڀارت) ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1952.12.17ع :  بچل شاهه جيلاني: گمبٽ ويجهو سچل ڊٻ مهر شاهه جو گادي نشين ۽ پ . پ ايم . پي . اي ، 17 ڊسمبر 1952ع... وڌيڪ پڙهو 1952.12.17ع :  عبدالستار رانجهاڻي، 17 ڊسمبر 1952ع تي دادوءَ جي تاريخي ڳوٺ خداآباد ۾ الهداد رانجهاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ... وڌيڪ پڙهو 1960.12.17ع :  ، نصير محمد فقير 118 ورهين جي ڄمار ۾ 27 جمادي الثاني 1380هه/ 17 ڊسمبر 1960ع تي وفات ڪئي .... وڌيڪ پڙهو 1984.12.17ع :  هن اعليٰ پائي جي سياسي ، سماجي شخصيت 17 ڊسمبر 1984ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي . ... وڌيڪ پڙهو 1992.12.17ع :   مشھور اداڪار ۽ ماڊل فاطمه آفندي 17 ڊسمبر 1992ع تي مشتاق آفندي جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 2016.12.17ع :   ناليواري شاعر سعيد ميمڻ 17 ڊسمبر 2016ع تي لاڏاڻو ڪيو.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٻڍل فقير **

ٻُڍل فقير/ ٻڍڙو فقير: ٻڍڙو فقير عرف ٻڍل سائينءَ جي درگاهه شڪارپور کان پنجن ميلن ۽ سلطان ڪوٽ ريلوي اسٽيشن کان اٽڪل ڇهن ميلن جي مفاصلي تي ٻنهي شهرن جي وچ ۾ چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ تي، انجنيري ڏهين ميل وٽ ٽه پُليءَ جي ويجهو هڪ درگاهه ڳوٺ بخشي انڙ ۾ آهي. اُتي فقير طبيعت ميان عبدالواسع رهندو ھو، جنهن جي گهر ۾ ٻڍل فقير 1865ع ۾ ڄائو. ھن ڪا خاص تعليم حاصل ڪا نه ڪئي. مال چاريائين، جھنگ جي ماحول ۾ پليو ۽ اتي ئي ولين جو واس ماڻي جوان ٿيو. فقيريءَ ڏانھن لاڙو ھئس. صوفي درويشن جو ڪلام سڪ ۽ سوز سان ڳائيندو ھو. سچل سائينءَ سان خاص عشق ھوندو ھئس. ننڍي ھوندي کان ئي مستانو ھوندو ھو، ان ڪري ڳوٺ جا ماڻھو کيس ”ڏاوڻ“ فقير ۽ ”کاٻڙ“ به چوندا ھئا. پاڻ ڪافي ڪلام چيو اٿس، جيڪو تصوف ۽ عشقيه رنگ ۾ رچيل آھي، سندس ڪلام سنڌي کان علاوه سرائڪي زبان ۾ به آھي. ھن پنھنجي ڪلام ۾ سنڌ جي لوڪ ڪھاڻين کي خاص موضوع بڻايو آھي. فقير صاحب جو مسلڪ ۽ طريقو قادري ھو. سندس مسلڪ جو اظھار ھن ڪلام مان ٿئي ٿو ته:

نا مين سني، نا مين شيعا، نا مين مسلمان،

عشق اسان ڏا ڪعبا قبله، عشق دا عالي مقام!

ٻڍل فقير مستانائي....وڌيڪ پڙهو