سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
سهجوءَ جو دڙو: ’سون ٿرڙيءَ‘ جي ڀر ۾ ’مقصودي جي ڪُور‘ کان 3 ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ شهداد ڪوٽ شهر کان 23 ڪلوميٽر اتر - اوڀر ۾ ڳوٺ سهجو بروهيءَ جي ماڳ وٽ ڪل 3 دڙا آهن، جن مان 2 دڙا مقام بڻجي ويا آهن، جڏهن ته باقي ٽيون دڙو ڳڙهي خيري تعلقي جي حدن ۾ اچي ويو آهي. هنن ٽنهي دڙن مان ٻه ننڍا دڙا اٽڪل 8 جريب ايراضي والارين ٿا ۽ اٽڪل 6 فوٽ کن اوچا آهن، جڏهن ته انهن مان سڀ کان وڏو دڙو سهجوءَ جو دڙو آهي، جنهن جي اوچائي 25 فوٽن کان به سرس ٿيندي. سهجو بروهيءَ وارو ڳوٺ شهداد ڪوٽ تعلقي جي اتر اڀرندي ڪنڊ وٽ آهي، سهجو جو دڙو پنهنجي نالي واري ڳوٺ جي اوڀر ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جي وٿيءَ تي واقع آهي، جتي کوٽائيءَ کان سواءِ دڙي ۾ پوريل شيون ڏسڻ ممڪن نه آهن. هتان سرن جا ٽوٽا، چٽيل ٺڪريون، پٿرن جي اوزارن جا پاساڙا، مٽيءَ جون پڪل چوڙيون، ڪاري رنگ جا ٿانوَ، لوهه جا ٽڪرا، سپيون ۽ ٻيون ڪيتريون نراليون شيون مليون آهن. هيءُ دڙو چڱي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. اندازو آهي ته هن وسنديءَ کي پنهنجي آبادڪاريءَ وقت سکر واهه، بيگاري واهه ۽ مقصودي جي ڪُور مان پاڻي جھجھي مقدار ۾ ملندو هوندو، سکر واهه ۽ بيگاريءَ کي ته ڪن تاريخدانن سنڌو درياه....وڌيڪ پڙهو