تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٽاٽا جمشيد **

ٽاٽا، جمشيد: جمشيد ٽاٽا، گجرات هندوستان جي ڏاکڻي ڳوٺ نوساري (Navasari) ۾ 1839ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو نسروانجي ۽ ماءُ جو نالو جيون ٻائي هو. نسروانجي ٽاٽا جو پارسي ٻاون واري آڪهه سان تعلق هو. جيڪي آتش پرست پارسي هئا. نسروانجي پنهنجي خاندان ۾ پهريون ماڻهو هو، جيڪو واپار خاطر ڳوٺان لڏي ممبئي آيو. 14 سالن جي عمر ۾ جمشيد کي مشهور ڪاليج ايلفنسٽن ۾ داخل ڪيو ويو. جتان 1858ع ۾ ڊگري وٺي پيءُ جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. جمشيد پنهنجي وطن جي ترقيءَ لاءِ وڏي محنت ڪئي. سندس ڪيتريون ئي فيڪٽريون جمشيد پور ۾ جنهن کي ”ٽاٽا نگر“ به چون ٿا. جمشيد ٽاٽا اهو ماڻهو آهي جنهن ٽاٽا ڪمپني شروع ڪئي. جنهن جون لاريون ۽ ٽرڪون انڊيا کان ايران، ملائيشيا، عرب ملڪن، سينگاپور، انڊونيشيا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي برآمد ڪيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه ٽاٽا ڪمپني چانهه، لوهه جون شيون، ڪپڙي ۽ اليڪٽران جي سامان ٺاهڻ کان مشهور آهي. ٽاٽا ڪمپني جا ايڏا ته ڪارخانا آهن جو بهار صوبي جي جھارکنڊ رياست جو هڪ شهر جمشيد پور سڏجي ٿو. جمشيد جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون لڳائڻ سان نه فقط هزارين نوڪريون مهيا ڪيون، پر هن ٻين ڪارخانيدارن ۽ واپارين ل....وڌيڪ پڙهو