تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** امينه **

امينه (گلوڪاره): سنڌ جي نامور گلوڪاره امينه جو پورو نالو غلام زينب شاهه المعروف امينه ڌيءَ علي بخش شاهه آهي. هن 15 ڊسمبر 1946ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سيد باز محمد شاهه اسڪول مان حاصل ڪئي. 1967ع ۾ ميران اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ۽ 1969ع ۾ پي ٽي سي جي ٽريننگ ڪري بئراج ڪالوني حيدرآباد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي ۽ پوءِ هيڊ مسٽريس جي عھدي تي پھتي. هن کي ننڍي هوندي کان ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هو. مختلف محفلن ۾ مرثيا ۽ نوحا پڙهندي هئي. ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران زرينه بلوچ سندس گھڻي همت افزائي ڪئي ۽ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وٺي آئي. جنھن کانپوءِ استاد محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن جي ساٿ سندس لئه ڪاريءَ کي پختو بڻايو. ريڊيو تي هن جي آواز ۾ پھرين ڪافي حاجي شاهه جي رڪارڊ ٿي. ان کانپوءِ هن ڪيترائي ڪلام، ڪافيون، سھرا ۽ لوڪ گيت ڳاتا. امينه جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان باقاعدي ڳائڻ شروع ڪيو ته ان دور جي سنڌي موسيقيءَ جي اُفق تي چمڪندڙ ستارن ۾ زرينه ۽ روبينه گهڻيون مشھور ٿي چڪيون هيون. ان ڪري پروڊيوسر خواجه امداد علي هن فنڪارا لاءِ انھن فنڪارائن جي تتبع....وڌيڪ پڙهو