ڪلثوم اختر چانڊيو

سن 2008.02.18 عيسوي ۾ 18 فيبروري 2008ع وارين چونڊن لاءِ شهيد بينظير ڀٽو کيس عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ نامزد ڪيو. جنهن بعد چونڊن ۾ ايم.پي. اي چونڊجي آئي.


چنا سليم

سن 1954.04.05 عيسوي ۾ مشهور شاعر ۽ اديب، سليم چنا، 5 اپريل 1954ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


راز ناٿن شاهي

سن 2010.04.16 عيسوي ۾ ’راز‘ ناٿن شاهيءَ سنڌي ۽ اردو خطاطيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس شاهه لطيف جي سنڌي بيتن ۽ آغا سليم جي شاهه جي منظوم اردو ترجمي تي مشتمل بيتن جي خطاطيءَ جي نمائش 16 اپريل 2010ع تي ظفر ڪاظمي گئلري، سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ٿي.


راشدي سليم

سن 1975.09.13 عيسوي ۾  ٽي. وي آرٽسٽ ۽ هدايتڪار سيد سليم راشديءَ، 13 سيپٽمبر 1975ع تي ڳوٺ شريفاڻي، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.


ڀٽو مدهوش

سن 1969.11.06 عيسوي ۾ شاعرِ مدهوش ڀُٽي جو پورو نالو الطاف حسين ولد عبدالرحمٰن ڀٽو آهي. سندس جنم 6 نومبر 1969ع تي بنگل ديري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.


ڀٽو نور محمد

سن 1955.01.14 عيسوي ۾  ليکڪ ۽ صحافي نور محمد ولد علي محمد ڀٽو، 14 جنوري 1955ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو) تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.


سليم الله مخدوم پاٽائي

سن 1960.09.01 عيسوي ۾ محقق ۽ اديب مخدوم سليم الله پهرين سيپٽمبر 1960ع تي مخدوم علي گوهر صديقي پاٽائيءَ جي گهر ۾ پاٽ شريف ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


سليم ڀٽو لطيفي

سن 1961.10.01 عيسوي ۾ مشهور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي داودءَ ۾ پيدا ٿيو.


سليم سولنگي

سن 1945.01.14 عيسوي ۾  نامور اُستاد، اديب ۽ مترجم محمد سليم ولد حڪيم محمد هاشم سولنگي، 14 جنوري 1945ع تي ڳوٺ دين محمد سولنگي تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


سليم سولنگي

سن 2008.01.18 عيسوي ۾ سليم سولنگي18 جنوري 2008ع تي وفات ڪئي، کيس دادوءَ جي قبرستان لال هنديءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو


 پوئتي   1   2   3  4  5   6   7   اڳتي