اسحاق بلوچ

سن 2010.06.02 عيسوي ۾ اسحاق بلوچ 2 جون 2010ع تي وفات ڪئي.


حاجي شاهه محمد بلوچ

سن 1939.05.03 عيسوي ۾ حاجي شاهه محمد بلوچ 3 مئي 1939ع تي ڳوٺ مڏ باهو، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


ساقي عبداللطيف

سن 1925.04.02 عيسوي ۾ پاڪستان جي مشهور فلمي اداڪار ساقيءَ جو اصل نالو عبداللطيف بلوچ هو. هن 2 اپريل 1925ع تي بغداد ۾ جنم ورتو،


ستار بلوچ

سن 1974.06.19 عيسوي ۾ نوجوان اديب ۽ محقق ستار بلوچ جو پورو نالو عبدالستار ولد عابد بلوچ آهي. سندس جنم 19 جون 1974ع تي جھوڪ، ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو.


سڪندر بلوچ

سن 1940.09.15 عيسوي ۾  سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر سڪندر بلوچ جو پورو نالـو سـڪـندر خان ولد نٿو خان چانڊيو هو، سندس جنم 15 سيپٽمبر 1940ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ٿيو.


سڪندر بلوچ

سن 2010.02.16 عيسوي ۾ سڪندر بلوچ 16 فبروري 2010ع تي دل جي دوري پوڻ سبب 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي ٽنڊي آغا قبرستان ۾ آهي.


سڪندر خان ملڪ

سن 1927.03.01 عيسوي ۾ مشهور سياستدان ۽ سماج سڌارڪ ملڪ سڪندر خان ولد ملڪ سردار خان پهرين مارچ 1927ع تي ڳوٺ ٿاڻي احمد خان (ضلعي ڄامشوري) ۾ جنم ورتو.


سڪندر سومرو

سن 1952.12.02 عيسوي ۾ سنڌي پورهيت سنگت جو اڳواڻ سڪندر سومرو، 2 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حاجي خان سومري تعلقي ميرو خان ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.


سڪندر سومرو

سن 2011.04.23 عيسوي ۾ سڪندر سومري 23 اپريل 2011ع تي حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس ڳوٺ حاجي سومري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


سڪندر عباسي

سن 1974.01.13 عيسوي ۾ مشهور ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ترجمي نگار سڪندر عباسيءَ جو جنم 13 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ محمد رمضان عباسيءَ جي گھر ۾ ٿيو.


 پوئتي   1   2   3  4  5   6   7   اڳتي