'آغا تاج محمد' جون تصويرون
 آغا تاج محمد جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

آغا تاج محمد خان

آغا تاج محمد خان: (1904- 1959ع) نامور تعليم دان، عالم ۽ اديب آغا تاج محمد خان 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’باگڙجيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو عبدالمجيد خان هو. هن کي پهريائين قرآن پاڪ جي تعليم ڏيارائي وئي، ۽ ڪجهه پارسي پڙهائي، پوءِ ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن سنڌيءَ جا.....


باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر

باز محمد جوڻيجو، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو 1947ع ڌاري، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ”پاٽ“ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، يونيورسٽي آف پنجاب مان بي. وي. ايس سي ۽ بي. ايس سي (اي- ايڇ)، سنڌ يونيورسٽي مان وٽرنري مئڊيسن ۾ ايم. ايس سي ۽ وڪالت جي ڊگري سميت پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ڊ.....


باغ محمد بيشڪ جوکيو

باغ محمد ’بيشڪ‘ جوکيو: ناميارو سگهڙ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. جنگشاهي ريلوي اسٽيشن (ضلعي ٺٽي) کان اتر طرف ڪوهستاني علائقي ۾ 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مشهور تاريخي ڳوٺ ”مالماڙيءَ“ ۾ 1908ع ڌاري ڄائو. سندس والد جو نالو سکيو خان ۽ ڏاڏي جو نالو جان محمد هو. ذات جو جوکيو ۽ پاڙي جي لحاظ کان کان ڪليپوٽا جان.....


ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر

ٻگهيو، محمد قاسم، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي پهرين جنوري 1954ع تي باڊهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو مراد علي ٻگهيو آهي. پرائمري تعليم باڊهه مان، سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي. اي ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. 1978ع ۾ ايل. .....


استاد محمد جمن

استاد محمد جمن: استاد محمد جمن جا وڏا اصل ۾ بلوچستان جي علائقي لسٻيلي جا، ذات جا سخيراڻي هئا. هو ڳوٺ ڪَنڊِ جهنگ ۾ 10 آڪٽوبر 1935ع ڌاري حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. جنهن کي ’آمن‘ به چوندا هئا. سندس وڏا سُرندو وڄائيندا هئا. هي انهن جي هنج ۾ ويهي سُرندو ٻڌندو هو ۽ سُرندي جا سُريلا آلاپ ٻڌي کيس ن.....


اسراڻ غلام محمد خانبهادر

اسراڻ، غلام محمد، خانبهادر: خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ ولد عبدالله خان اسراڻ 1880ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم عربي ۽ فارسيءَ ۾ حاصل ڪيائين. ڪجهه درجا سنڌي پڻ پڙهيو. پاڻ عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هو. سندس سنڌي خط و ڪتابت پڻ فارسي انداز ۾ هوندي هئي. جواني جي عمر ۾ قدم رکڻ بعد سنڌ جي قديم رواي.....


شيخ محمد اسماعيل

شيخ محمد اسماعيل: لوڪ ادب ۽ لغت نويسيءَ جي ماھر، عالم ۽ استاد شيخ محمد اسماعيل 21 جنوري 1924ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ھن پنھنجي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ورھاڱي کان اڳ گورنمينٽ اسڪول (نور محمد ھاءِ اسڪول) مان تعليم مڪمل ڪري، پنھنجي والد احمد شيخ (جيڪو انگريز دؤر ۾ تعليم کاتي جي م.....


اصحابي واري سير اصحابو محمد علي گبربند

اصحابي واري سير (اصحابو محمد علي گبربند): هي گبربند قبل از تاريخ جو آهي ۽ ديهه ڏيسوئي، تعلقه ٿاڻي بولاخان ضلعي ڄام شوري ۾اتر ويڪرائي ڦاڪ ″25◦18′52 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ ″67◦54′26 تي موجود آھي. ھي سرڪاري اڻ سروي زمين ديهه ڏيسوئي، ھڪ ڪلوميٽر چوھڙ لڪ کان اتر ۾ آھي. ھي گبر بند آھي. جيڪو آڳاٽن لوڪن پاڻي جي ج.....


اصل وڏو قصو گل بڪاولي ۽ تاج الملوڪ جو باتصوير

اصل وڏو قصو گل بڪاولي ۽ تاج الملوڪ جو باتصوير (ڪتاب): هيءُ ڪتاب 160 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 3 رپيا 25 پئسا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن، هريسنگهه اينڊ سنس، سکر طرفان سال 1936ع ۾ شايع ٿيو......


آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي

آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي: آخوند محمد صالح ولد ڇٽو ڀٽي، دادو ضلعي جي قديم ڳوٺ، سيتا وليج ۾ هڪ غريب خاندان ۾ ڄائو. ننڍي هوندي ئي سندس پيءُ کيس ديني تعليم ڏانهن راغب ڪيو ۽ گھر ۾ ئي تعليم حاصل ڪيائين، ڪجهه وقت کانپوءِ هن کي شڪارپور ويجھو ڳوٺ همايون شريف ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي درسگاهه ۾ پڙهڻ .....


الهبچايو يار محمد سمون

الهبچايو يار محمد سمون: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ محقق 9 مئي 1912ع تي ملير ضلعي ڪراچي ۾ سمن جي قديم خاندان جي هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. ڊسمبر 1958ع ۾ وفات ڪيائين. الهبچايو يار محمد سمو ڪراچيءَ جو اهو پراڻو ليکڪ ٿي گذريو آهي، جنهن ڪراچيءَ جي قديم لهجي، لسٻيلي دادوءَ ۽ ڄامشوري جي سنڌي ٻوليءَ جي ڪو.....


1  2   3   4   5   اڳتي