'اڪبر ساگر' جون تصويرون
 اڪبر ساگر جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

اڪبر ساگر

اڪبر ساگر: سندس اصل نالو علي اڪبر جوکيو آهي، شڪارپور جو ناميارو شاعر آهي. هو 1- آڪٽوبر 1956ع تي ڳوٺ چوڏهيو سڌايو، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. بي. اي ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۽ ايم اي (ايڪانامڪس) ۾ ڪئي آهي. هن وقت ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. سندس شاعريءَ جا 3 مجموعا شايع ٿي چڪا آهن......


اسلم اڪبر قاضي

اسلم اڪبرقاضي : ناميارو صحافي محمد اسلم نامياري سياستدان قاضي محمد اڪبر جو پٽ آهي، هو حيدرآباد ۾ ڄائو، سندس تعليم ايم. اي (معاشيات) آهي، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن بينڪنگ شعبي ۾ دوها (قطر) ۽ لنڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1976ع کان وٺي صحافتي پيشي سان وابسته آهي، پهريان روزانه ”سنڌ نيوز“ ۽ انگريزي اخبار ”س.....


اڪبر اديب

اڪبر اديب: شاعر، نثر نويس ۽ ڪھاڻيڪار. غلام اڪبر اديب ولد غلام محمد منگي، 4 فيبروري 1946ع تي تعلقي ٺل، (جيڪب آباد) ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل ۾ سرڪاري ملازمت حاصل ڪئي. اڪبر اديب شروع کان ئي ادب سان لاڳاپيل رهيو، سنڌي ادبي سنگت جو بنيادي ميمبر ۽ شاخ جو سيڪريٽري به رهيو. سندس .....


اڪبر بادشاهه

اڪبر بادشاهه: شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر ، مغل سلطنت جو نيڪ نام بادشاهه ، عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو هو . 1556ع ۾ والد جي وفات وقت هي پنهنجي استاد بيرم خان سان گڏ ڪلانور ( ضلعي گورداسپور ) ۾ هو ، اتي ئي هن جي تخت نشينيءَ جون رسمون ادا ڪيون ويون . جلد ئي هن پاڻيپٽ جي ميدان ۾ ، هي.....


اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو ھنڌ

اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو ھنڌ: هيءَ هڪ ڇٽي هئي جيڪا عمر ڪوٽ قلعي جي اتر ۾ ھڪ ميل ڏور هئي. موجوده وقت اڪبر جي جنم واري ھنڌ مٿان ٺهيل ڇٽي ڪري پئي آھي. ڪجهه وقت اڳ تائين صرف ٻه ٿنڀا بيٺا ھئا. اها ڇٽي پڪين سرن ۽ مٽيءَ جي گاري سان ٺھيل ھئي. سرن جي ماپ 12X6X3 انچ آھي. ھڪ سنگ مرمر جي تختي اوچائي ۾ ١٥ انچ ۽ ١.....


اڪبر بادشاهه ملا دوپيازو ۽ بيربل وزير

اڪبر بادشاهه ، ملا دوپيازو ۽ بيربل وزير ( ڪتاب ): هيءُ ڪتاب محمد اسحاق جو لکيل آهي ، جنهن جي قيمت هڪ آنو ڄاڻايل آهي . ليکڪ هيءُ ڪتاب اسلاميه پريس لاهور مان سال 1899ع ۾ ڇپايو . .....


اڪبر بروهي

اڪبربروهي (راڳي ):اڪبر بروهي سورج آباد محله دادو ۾ سال 1960ع ۾ ڄائو. ننڍي لاڪر راڳ سان دلچسپي هئس، ته اچي استاد محمد صالح ساند دادوءَ واري جو شاگرد بڻيو، جيڪو استاد بيبي خان جو شاگرد ۽ وڏو راڳي هو، اڪبر بروهي استاد سان تانپوري تي سنگت ڪندو هو. سوز علي فقير طبلو وڄائيندو هو. استاد صالح ساند جي وفات .....


اڪبر جسڪاڻي

اڪبر جسڪاڻي: ٻاراڻي ادب کي سهيڙيندڙ اڪبر جسڪاڻي ولد ڄام خان جسڪاڻي، 1958ع ڌاري ضلعي دادوءَ جي شهر جوهيءَ ۾ ڄائو. ننڍڙوئي هو، ته سندس والد سعودي عرب ۾ گذاري ويو. اڪبر کي ناني ۽ نانيءَ پاليو. کيس ڪو چاچو يا مامو به نه هو. زندگيءَ جا اڙانگا پيچرا طئي ڪندي، 1975ع ۾ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ جو ميمبر ٿيو. .....


اڪبر جي سخا عرف راڻي پدماوتي

اڪبر جي سخا عرف راڻي پدماوتي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هيمنداس شامداس جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب ۾ 120 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. اُن جو ڇاپو پهريون، نئشنل پريس، حيدرآباد مان سال 1942ع ۾ شايع ٿيو......


اڪبر ساگر

اڪبر ساگر: سندس اصل نالو علي اڪبر جوکيو آهي، شڪارپور جو ناميارو شاعر آهي. هو 1- آڪٽوبر 1956ع تي ڳوٺ چوڏهيو سڌايو، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. بي. اي ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۽ ايم اي (ايڪانامڪس) ۾ ڪئي آهي. هن وقت ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. سندس شاعريءَ جا 3 مجموعا شايع ٿي چڪا آهن......


اڪبر سومرو

اڪبر سومرو: ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومرو ولد عبدالڪريم سومرو، 25 جنوري 1959ع تي، ٽنڊي الهيار، ۾ ڄائو. ايم. ايس سي (زراعت) زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان، سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما پوليٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ۽ بي ٽيڪ (آنرس) جون ڊگريون حاصل ڪيون. نئشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ ۾ 1985ع ۾ ملازمت ڪئي. 2014ع کان.....


1  2   3   4   اڳتي