سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 13جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ جلد چوڏھون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو تہ 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي بہ مواد ۽ تصويرن وغيرہ جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ، ڊاڪٽر ﷲ رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ تہ 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي وي..... وڌيڪ پڙهو
غلام شاھہ ڪلهوڙي جا تختگاھہ: ڪلهوڙن حڪمرانن مان ميان غلام شاھہ ابن ميان نور محمد ڪلهوڙو نيڪ سيرت، بھادر ۽ آزادي پسند حڪمران هو. ڪن تاريخدانن کيس ڪلهوڙن جو سڀ کان قابل ۽ مدبر وڏو حاڪم ڄاڻايو آهي. سندس ڪي ڪارناما تاريخ ۾ قدر لائق آهن. جھڙوڪ ملڪ نيڪالي ملڻ کانپوءِ ٻيهر حڪومت قائم ڪرڻ ۽ پوءِ انتظام سنڀاليندي ئي عوام کي امن امان جي دولت سان مالامال ڪرڻ ۽ سرحدي حدن جي لحاظ کان سڄي سنڌ کي هڪ ڪرڻ خاص ڪم آهن. هن افغان حڪومت کي باقاعدي خراج جي رقم ادا ڪرڻ سان ملڪ جي ترقي، ملڪ واسين جي خوشحالي، نون شهرن ۽ جاين ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ ان سان گڏ ڪڇ تي ٻہ ڪامياب حملا ڪري بستہ بندر ۽ لکپت ٺڪرن کان هٿ ڪيو. دائودپوٽن کان اُچ ۽ سبزل ڪوٽ وٺي سنڌ ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪراچي ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن کي خان آف قلات کان وٺي، سنڌ جي حدن کي وسيع تر ڪيو.
ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو 1756ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ هن جي حڪومت جا ٽي دور آهن ۽ انهن ٽنهي دورن ۾ سندس تختگاھہ بدلبا رهيا. جيئن تہ هو فطري طرح قوم پرست، آزادي ۽ ملڪي خودمختياريءَ جو قائل ۽ ٻاهرين مداخلت جو مخالف هو. ان ڪري کيس گهڻيون تڪليفون ڏنيون ويون ۽ هو ....وڌيڪ پڙهو