تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2026-10-15 عيسوي تاريخ ۾


1542.10.15ع :  شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر ، 15 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1879.10.15ع :  پيٽن رائوس 15 آڪٽوبر 1879ع تي بالٽي مور، آمريڪا ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1932.10.15ع :  مولانا عبدالحئي الحسيني، ولد مولانا حافظ محمد يونس گهوٽو، 14 جمادي الثاني 1351هه / 15 آڪٽوبر 1932ع ڳ... وڌيڪ پڙهو 1935.10.15ع :  ڊاڪٽر فريدالدين بقائي، 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1935.10.15ع :   ڊاڪٽر: بقائي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو باني ڊاڪٽر فريد الدين بقائي 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1947.10.15ع :  مير خليل الرحمان ڪراچيءَ مان 15 آڪٽوبر 1947ع تي روزاني ’جنگ‘ جاري ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1948.10.15ع :  اديب ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر انور عالماڻي ولد ڪريم بخش عالماڻيءَ جو جنم 15 آڪٽوبر 1948ع تي، ڳوٺ سونو خان ... وڌيڪ پڙهو 1952.10.15ع :  الهورايو ‘طارق’صديقي 15 آڪٽوبر 1952ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو، جتان 31 مئي 1979ع تي رٽائر ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1954.10.15ع :   15 آڪٽوبر 1954ع تي ڀٽائيءَ جي ٻه سؤ پهرئين عرس جي موقعي تي ‘لطيف يادگار ڪميٽي’ کي سرڪار پنهنجي هٿ ۾... وڌيڪ پڙهو 1961.10.15ع :  ناليوارو سياسي اڳواڻ غلام قادر ولد پنهل خان چانڊيو، 15 آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ الله بخش چانڊيي، تعلقي سڪ... وڌيڪ پڙهو 1963.10.15ع :  ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرگرم اڳواڻ ڪامريڊ اسحاق بلوچ 15 آڪٽوبر 1963ع تي شرافي ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1968.10.15ع :  مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻ سورٺ ٿيٻو دادو شهر ۾ 15 آڪٽوبر 1968ع ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1976.10.15ع :  15 آڪٽوبر 1976ع تي حڪومت ولي خان ۽ سندس ساٿين تي مقدمو هلائڻ لاءِ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هڪ خاص ٽربيو... وڌيڪ پڙهو 1977.10.15ع :  جاويد شبير: نوجوان شاعر جاويد شبير ، غلام شبير جاگراڻيءَ جي گهر ، لاڙڪاڻي ۾ 15 آڪٽوبر 1977ع ۾ جنم ... وڌيڪ پڙهو 2002.10.15ع :  رفيق احمد مهيسر 15 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 2003.10.15ع :  حفيظ الله کوهارو جي فن پارن جون نمائشون 1973ع ڌاري حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج، 1983ع ڌاري پبلڪ اسڪول سکر،... وڌيڪ پڙهو 2025.10.15ع :  آغا سراج خان دراني 15 آڪٽوبر 2025ع تي ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنڌ بابت پھريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنھن جا هن وقت تائين 13جلد پڌرا ڪيا ويا آهن، چوڏهون جلد پڻ آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته پھريون جُلد پڻ ٻيھر واڌارن سڌارن سان بائيبل پيپر تي مناسب جلدبنديءَ سان ڇپايو پيو وڃي. 2019ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج، جسٽس صلاح الدين پنھور ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ڇپيل جلدن ۾ ڪجهه غلطين جي نشاندهي ۽ داخلائن جي ترتيب بابت تڏهوڪي سيڪريٽري ثقافت جناب اڪبر لغاري کي عملي طور درستيون ڪرڻ جي هدايتن کانپوءِ اڪبر صاحب جي سربراهيءَ ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جڙيو، جنھن ۾ جناب مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ ڊاڪٽر شير مھراڻي شامل هئا، جن سموري مواد جو مرحليوار جائزو وٺي معزز عدالت کي اداري معرفت رپورٽ پيش ڪئي ۽ جنهن کانپوءِ انهن سڌارن جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته لغتن ۽ انسائيڪلوپيڊيائن جو تحقيقي ڪم مستقل هلندڙ ۽ سڌارن جوڳو هوندو آهي، انھيءَ جذبي سان سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو هن اهم تاريخي ماخذ کي وڌ کان وڌ مستند بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو پيو اچي. اداري جي قيام (1991ع) کان ئي سن..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ڊپٽي نذير احمد **

ڊپٽي نذير احمد: اردوءَ جو عالم ۽ اديب نذير احمد ولد مولوي سعادت علي، 1830ع ڌاري هندستان جي ضلعي بجنور جي ڳوٺ ريڙھہ ۾ جنم ورتو. سندس ادبي نالو مولوي نذير احمد دهلوي هو. چئن سالن جي عمر ۾ والدين سان گڏ لڏي شھر بجنور ويو. جتي ابتدائي فارسي ۽ قرآن مجيد جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين. 1839ع کان 1842ع تائين مولانا نصر ﷲ خان خورجوي وٽ پڙهيو، جتي عربي، صرف و نحو ۽ فلسفہ و منطق جي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ 1844ع تائين اورنگ آبادي مسجد دهلي ۾ پڙهيو. 1853ع ڌاري دهلي ڪاليج ۾ تعليم مڪمل ڪيائين. هو 1854ع ڌاري ڪنجاھہ، ضلعي گجرات جي سرڪاري مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1856ع ڌاري ڊپٽي انسپيڪٽر مدارس جي حيثيت سان ڪانپور ۾ مقرر ٿيو، جتان 1857ع ڌاري ملڪي حالتون خراب ٿيڻ سبب نوڪري ڇڏي دهليءَ هليو ويو.

1858ع ڌاري کيس ساڳئي عهدي تي ٻيهر بحال ڪري الھہ آباد ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي انگريزي بہ سکيو. کيس 1860ع ڌاري قانون هند جي عملي ۾ شامل ڪيو ويو. 1862ع ڌاري قانون جي ڪتابن ترجمي ڪرڻ ڪري کيس ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو، ڪجهہ عرصو ڪانپور ۾ ٿاڻيدار بہ رهيو. 1863ع ڌاري ڪانپور کان گورکپور بدلي ٿيو، جت....وڌيڪ پڙهو