مئي مھينو تاريخ جي آئيني ۾

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-05-08 عيسوي تاريخ ۾


1914.05.08-A.D-  شاعر عبدالله خان ’همدم‘ ولد محمد يوسف چانڊيي، 8 مئي 1914ع تي ميهڙ شهر، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. 1935.05.08-A.D-  زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ عبدالمجيد ولد الھداد خان نظاماڻي جو جنم 8 مئي 1935ع تي ڳوٺ باقر نظاماڻي تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. 1942.05.08-A.D-  سهراب ڪائوسجي 8 مئي 1942ع کان 11 مئي 1943ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو چونڊيل ميئر به رهيو. 1942.05.08-A.D-   سيد عالم شاهه ولد علي مير شاهه، مٽيارين جي عيسي پوٽه ساداتن مان مشهور سياسي شخصيت آهي. هن 8 مئي 1942ع تي مٽيارين ۾ عيسا پوٽي محلي ۾ جنم ورتو. 1971.05.08-A.D-  ناليوارو ڊرامانگار شاهنواز ولد حاجي سچي ڏنو ڀٽي، 8 مئي 1971ع تي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، ضلعي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو. 1994.05.08-A.D-  سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا بهار اديب، دل جي دوري پوڻ ڪري، 8 مئي 1994ع تي وفات ڪئي. 1998.05.08-A.D-  عبدالله ڪڇي ولد فقير محمد 1940ع ڌاري ڪلري، لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. 8 مئي 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. 2018.05.08-A.D-  ڀڳوان کلناڻي 8 مئي 2018ع تي پمپري، پوني (ڀارت) ۾ وفات ڪئي.

1445-09-02 هجري تاريخ ۾