ڳولا خانا خالي ڪريو

انسائيڪلوپيڊيا ۾ داخل ٿيل سڀ تاريخون

عيسوي سڀ قبل مسيح سڀ هجري سڀ


پهريون   پوئتي   1  2  3  4  5 6  7  8  9     اڳتي آخري  

ٽوٽل (2463) رڪارڊ ۽ 124 صفحا

تاريخ : 02.12.1896  عيسوي

تلوڪچند 2 ڊسمبر 1896ع تي شهر ڀِريا ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو .

مضمون : تلوڪچند

تاريخ : 0202.00.00  عيسوي

امام ابو دائود: امام ابو دائود هڪ بلند پايي جو محدث ٿي گذريو آهي . هيءُ سيستان ( ايران ) ۾ 202هه/817ع ۾ پيدا ٿيو .

مضمون : امام ابو دائود

تاريخ : 0275.00.00  عيسوي

ابو دائود 73 سال جي ڄمار ۾ 275هه/888ع ۾ وفات ڪئي .

مضمون : امام ابو دائود

تاريخ : 0322.00.00  عيسوي

ارسطو 322 قبل مسيح ۾ وفات ڪئي.

مضمون : ارسطو

تاريخ : 0384.00.00  عيسوي

ارسطو: يونان جي مشهور فلسفي، رياضي دان ۽ فلڪيات جي ڄاڻو ارسطوءَ جو مڪمل نالو ارسطاطاليس (Aristotle) هو، جيڪو يونان جي رياست ”مقدونيا“ جي شهر ”اسٽاگرا“(Stagira) ۾ 384 قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو.

مضمون : ارسطو

تاريخ : 04.01.1947  عيسوي

انور سيال 4 جنوري 1947ع تي ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهه ( ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن ) ۾ محمد بخش سيال جي گهر ۾ جنم ورتو .

مضمون : انور سيال

تاريخ : 0400.00.00  عيسوي

ڀڳوت گيتا کي موجوده صورت ۾ تقريباً 400 عيسوي سن ڌاري مرتب ڪيو ويو ۽ اهو ڪم ويدوياس سرانجام ڏنو هو .

مضمون : ارجن ڪرشن

تاريخ : 0500.00.00  عيسوي

بني هاشم: هيءُ قريش قبيلو آهي ، جيڪو هاشم جو اولاد آهي . هاشم قريش قبيلي جو معتبر شخص هو . هو 5 صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالشمس جي جاءِ تي ڪعبي جو مُتولي ٿيو ،

مضمون : بني هاشم

تاريخ : 0540.00.00  عيسوي

اَبُوطالِبُ: حضرت علي عليہ السلام جو والد ۽ رسول ڪريم صه جن جو چاچو ، حضرت ابو طالب ( 85 قبل هجري ) 540ع ۾ تولد ٿيو .

مضمون : ابو طالب

تاريخ : 0563.00.00  عيسوي

مھاتما گوتم ٻڌ ھيءُ پنٿ، 563 ق.م ۾ جاري ڪيو ھو.

مضمون : ٻڌمت

تاريخ : 0570.00.00  عيسوي

ابو جهل 570ع ڌاري ڄائو

مضمون : ابوجهل

تاريخ : 0572.00.00  عيسوي

ابوبڪر صديق رضه: اسلام جو پهريون خليفو ، مردن مان سڀ کان اڳ اسلام قبول ڪندڙ ، نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جو يارِ غار ۽ سچو ساٿي ، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه هجرت کان 50 سال اڳ ، مڪي شريف ۾ ’ بنو تميم ‘ قبيلي ۾ ، 572ع ۾ پيدا ٿيو .

مضمون : ابوبڪر صديق رضه

تاريخ : 0581.00.00  عيسوي

حضرت بلال رضي الله عنہ 581ع ڌاري سراته (مڪي شريف) ۾ ڄائو.

مضمون : بلال رضي الله عنه

تاريخ : 0598.00.00  عيسوي

برهم گپت 598ع ڌاري ”ڀلمال“۾ ڄائو.

مضمون : برهم گپت

تاريخ : 06.11.1955  عيسوي

ايس . جي . ڀاڳيا 6 نومبر 1955ع تي پني عاقل ۾ ٿيو .

مضمون : ايس جي ڀاڳيا

تاريخ : 0600.00.00  عيسوي

اردن گهڻو وقت اڳ يوناني ۽ رومي بادشاهتن جو حصو رهيو هو . ستين صدي عيسويءَ ۾ عربن اردن تي قبضو ڪيو . سورهين صدي عيسويءَ کان پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تائين اردن ، سلطنت عثمانيه جو حصو رهيو هو

مضمون : اردن

تاريخ : 0610.04.03  عيسوي

ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي 3 ربيع الثاني 610هه/1213ع ۾ وفات ڪيائين .

مضمون : ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي

تاريخ : 0620.00.00  عيسوي

حضرت ابوطالب 88 ورهين جي ڄمار ۾ 620ع ( هجري سن کان 3 سال قبل ) ۾ وفات ڪئي .

مضمون : ابو طالب

تاريخ : 0623.00.00  عيسوي

بدر جي جنگ: بدر جي جنگ مسلمانن ۽ مڪي جي ڪافرن وچ ۾ سال 2 هجريءَ/ جولاءِ 623ع ۾ وڙهي وئي . ” بدر “ نالي سان مديني کان اسي ميل پري ، شام ملڪ ڏانهن ويندڙ رستي وٽ هڪ ڳوٺ آهي ، جتي هيءَ جنگ لڳي ، جنهنڪري ان تي ” بدر جي جنگ “ يا ” غزوه بدر “ نالو پيو

مضمون : بدر جي جنگ

تاريخ : 0624.00.00  عيسوي

ابوجهل بدر جي جنگ ۾ هڪ نوجوان مسلمان جي هٿان تاريخ 2 رمضان المبارڪ سن 2هه مطابق مارچ 624ع تي مارجي ويو

مضمون : ابوجهل

پهريون   پوئتي   1  2  3  4  5 6  7  8  9     اڳتي آخري