اپريل مھينو تاريخ جي آئيني ۾

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-04-24 عيسوي تاريخ ۾


1895.04.24-A.D-  سنت ٽيجارام جو جنم 24 اپريل 1895ع ۾ پير ڳوٺ ۾ ڌرمداس برجواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو 1940.04.24-A.D-  مفتي آفتاب احمد 24 اپريل 1940ع تي بمبئي، مهاراشٽر پرڳڻي جي ڌول علائقي ۾ جنم ورتو. 1943.04.24-A.D-  ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو 24 اپريل 1943ع تي خيرپور ۾ ڄائو. 1950.04.24-A.D-  مشهور سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ سيٺ خدا داد ولد فضل محمد سرهيي جو جنم 1872ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. 24 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي. 1951.04.24-A.D-   سيد محسن شاهه بخاري ، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو . هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبدالحميد شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو . 1956.04.24-A.D-  اي . ڊي خواجه 24 اپريل 1965ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو 1957.04.24-A.D-   سنڌ جو ناميارو ڪھاڻيڪار اخلاق انصاري 24 اپريل 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ انيس انصاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. 1958.04.24-A.D-   نامور سياستدان ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امر لال ولد ٺاڪرداس تلريجا 24 اپريل 1958ع تي پني عاقل شهر ۾ جنم ورتو. 1960.04.24-A.D-   پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر جو جنم 24 اپريل 1960ع تي خيرپور ضلعي جي مشھور ڳوٺ مينگھو فقير شر ۾ ٿيو. 1965.04.24-A.D-   شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ آرٽسٽ شگفته شاهه جو جنم 24 اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. 1973.04.24-A.D-  مشهور ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر 24 اپريل 1973ع تي بمبئي جي هڪ سرسوت برهمڻ گهراڻي جي ليکڪ ۽ ناول نگار رميش ٽنڊولڪر جي گهر ۾ جنم ورتو 1975.04.24-A.D-  عبدالحق عالماڻيءَ، جوانيءَ ۾ ئي ڪينسر جي مرض سبب، 24 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي. 1984.04.24-A.D-   مـولانا محـمد شـفـيـع اوڪـاڙوي 24 اپريل 1984ع تي دل جو ٽيون ۽ شديد دورو پوڻ سبب پنجونجاهه سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. 1996.04.24-A.D-  هيءُ 24 اپريل 1996ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو. 2003.04.24-A.D-  سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزاديءَ جو جنم 1941ع ڌاري محمد هاشم بلوچ جي گهر ۾ سکر شهر ۾ ٿيو.شهزاديءَ، معدي جي ڪئنسر سبب 24 اپريل 2003ع تي وفات ڪئي. 2016.04.24-A.D-  ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ 24 اپريل 2016ع تي گذاري ويو.

1445-08-19 هجري تاريخ ۾