تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** آشرم واسين ڏانهن **

آشرم واسين ڏانهن (ڪتاب ):هي ڪتاب مهاتما گانڌيءَ جي يرودا جيل مان لکيل خطن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڪراچيءَ مان 1935ع ۾ ڇپيو هو ۽ هي اُن جو ٻيو ڇاپو آڪٽوبر 1985ع ۾ گوپال گربخشاڻيءَ شانتي نڪيتن، سوامي وويڪانند روڊ، کار بمبيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. 1940ع واري لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ واري تحريڪ جي ڊانڊي مارچ کان پوءِ مهاتما گانڌيءَ کي انگريز سرڪار گرفتار ڪري پوني جي ويجهو يرودا جيل ۾ رکيو هو ۽ اتان هر هفتي مهاتما گانڌي سابرمتي آشرم جي سيڪريٽريءَ کي ”آشرم واسين ڏانهن“ هڪ خط لکي موڪليندو هو. جن خطن مان ٽي ڪتاب ”يرودا مندر مان“ (1930ع)، ”گيتا ٻوڌ“، (1934ع) ۽ ”آشرم واسين ڏانهن“ (1935ع) تيار ڪرائي ڇپايا ويا.

هن ڪتاب يعني ”آشرم واسين ڏانهن“ تي مهاتما گانڌيءَ جي پياري سيڪريٽريءَ آنند طوطا رام هنگوراڻيءَ لکيو آهي.

هن ڊيمي سائيز جي 84 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 10 رپيا آهي، هن ڪتاب ۾ سچ، اهنسا، گيتا ڄاڻ، علم ۽ عمل بابت خيال ۽ ويچار شامل آهن.....وڌيڪ پڙهو