تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** افضل سولنگي **

افضل سولنگي: ناميارو شاعر افضل سولنگي ڳوٺ ڪرڙ خان سولنگي (حيدرآباد) ۾، پهرين ڊسمبر 1958ع تي محمد رمضان سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، حيدرآباد مان 1974ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين ۽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان بي. اي ڪيائين. 1980ع کان شاعري شروع ڪيائين، جيڪا سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ڳائي، جن ۾ محمد يوسف، سرمد سنڌي، فوزيه سومرو، جلال چانڊيو وغيره شامل آهن، جنهنڪري کيس وڌيڪ مقبوليت ملي. سندس ڪيترائي گيت ۽ غزل سنڌي فلمن ۾ به ڳايا ويا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان کيس گهڻي عقيدت رهي آهي. هن ڪيترائي گيت غزل شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شخصيت، محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽيءَ تي لکيا آهن. ڪيترين سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو آهي، جن ۾ پيپلز ڪلچرل ونگ سنڌ اهم آهي. هي هر سال شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽي جي ورسين جي موقعي تي سنڌ ۽ پنجاب جي مشهور شاعرن سان گڏ خراج عقيدت پيش ڪندو آهي. سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ ٻيا پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ هن کي خاص دعوت ڏئي گهرائيندا آهن. سندس شهيدن جي شان ۾ ڪئسٽون به جاري ٿيل آهن. سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد ۾....وڌيڪ پڙهو