تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ پڻ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** بابو پليجو **

بابو پليجو: ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته: سنڌ ۾ ترخان دؤر کانپوءِ مغلن جو دؤر آيو، انهيءَ دؤر ۾ بابو پليجو زميندار هو ۽ گڏوگڏ مغل گورنرن ۽ صوبيدارن جو خوشامدي مخبر پڻ هو. جڏهن اسماعيل شوري ڌارين خلاف نقل و حرڪت شروع ڪئي، تڏهن بابو پليجي مخبري ذريعي مغلن جي وڏي مدد ڪئي. بابو پليجي جي جڏهن اسماعيل شوري کي خبر پئي تڏهن ان هن جي رهائشگاه تي حملو ڪيو، پر هي بچي ويو ۽ اسماعيل شورو هن جي باغ جي سڄي پوک کڻي ويو، انهيءَ تان بابو پليجي وڃي مغلن کان مدد گهري، جنهن کان پوءِ اسماعيل شوري ۽ مغل فوج ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ اسماعيل شورو وڙهندي وڙهندي مارجي ويو. انهي مخبريءَ کان پوءِ بابو پليجي جو اثر و رسوخ مغلن وٽ وڌي ويو ۽ مغل گورنر مظفر خان معموري هن کي انعام اڪرام ڏنا. اڳتي هلي جڏهن مظفر خان معموريءَ کان پوءِ سيد بايزيد بخاري گورنر ٿي آيو ته هن هڪدم اسماعيل شوري جي بچيل ڪٽنب تي مغل فوج جو حملو ڪرائي انهن جي عورتن ۽ ٻارن سان گڏو گڏ اسماعيل شوري جي پٽ جهونجهار شوري کي به گرفتار ڪرايو. جهونجهار شورو قيد ۾ ئي مري ويو. ٻٻر ذات وارا بابُو پليجي جا مائٽ هئا، پر اهي هميشه هن کي ٽوڪيندا هئا ته ....وڌيڪ پڙهو