تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٽين صدي هجري **

ٽين صدي هجري: ٽين صدي هجريءَ جي آخري دور جا ٻه امتيازي پهلو، جيڪي گهڻي ڌيان لائق آهن، سي هي آهن ته هن ئي دور ۾ اسلامي عقيدن تي هندي (سنڌي) ۾ پهريون ڪتاب لکيو ويو، جيتوڻيڪ سنڌيءَ جي لکت جي ابتدا اُن کان گهڻو آڳاٽو ٿي چڪي هئي. عقيدن جو مذڪوره سنڌي ڪتاب عراقي نسل جي ڪنهن سنڌي عالم ڪشمير جي هڪ هندو راجا لاءِ منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباريءَ جي فرمائش تي لکيو هو. ساڳئي عالم ساڳئي هندو راجا جي گهر تي قرآن شريف جو منظوم هندي (سنڌي) ترجمو ڪيو هو، جو قرآن شريف جو ڪنهن ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو شمار ٿئي ٿو.

هن دور جو ٻيو اهم پهلو هيءُ هو ته منصوره جي ساڳئي حڪمران جي وقت ۾ سنڌ ۾ اسماعيلي عقيدي جي تبليغ به شروع ٿي. جيتوڻيڪ هي عقيدو سال 141هجري/ 757ع کان ئي سنڌ ۾ پهچي چڪو هو، پر 270هه/ 883ع ۾ عبدالله بن عمر هباريءَ جي دور ۾ اسماعيلي فرقي جي يمني شاخ جي سربراهه منصور يمنيءَ طرفان سندس سؤٽ کي پهريون دفعو اسماعيلي عقيدن جو ’داعي‘ مقرر ڪري سنڌ ۾ موڪليو ويو. ....وڌيڪ پڙهو