تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** تعليمي نفسيات **

تعليمي نفسيات (Educational Psychology ):تعليمي نفسيات اهو علم آهي، جو تعليم جي عمل کي موثر بنائيندڙ اصولن ۽ ترڪيبن کي ڳولي ٿو. تعليمي نفسيات جي انهيءَ وصف مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ علم جي دلچسپي صرف تعليم جي عمل تائين محدود نه آهي، پر موثر تعليم لاءِ سازگار يا موافق تعليمي فضا به درڪار رهي ٿي. جيڪا بذات خود ڪيترن ئي عوامل جو مرڪب هوندي آهي، تنهنڪري تعليمي نفسيات اهڙن سڀني عوامل جو مطالعو ڪري ٿي جن ۾ شاگرد جي سماجي، ذهني صحت، انهن جا محرڪات، لاڙا، قدر، شخصي صفتون، اهليتون وغيره سڀ شامل هجن.

تعليمي نفسيات هڪ نموني، فرد جي واڌ ويجهه يا نشوونما جو تعليمي ماحول ۾، منظم ۽ مرتب اڀياس آهي، جيڪو شاگرد جي متوازن نشونما جي ذريعي هن کي هڪ ذميوار شهري حساس انسان ۽ تخليقي اهليت وارو فرد تيار ڪرڻ ۾ استاد جي مدد ڪري ٿو. تعليمي نفسيات هڪ اطلاقي (Applied) مضمون آهي، جو تعليم ۽ نفسيات جي ٻن مضمونن کي ملائي ٿو. اهو انساني ڪردار جو ڄڻڪ سائنسي اڀياس آهي، جنهن ذريعي هن کي سمجهيو وڃي ٿو. جڊ (Judd) جي چواڻي ته تعليمي نفسيات انسان جي پيدائش کان وٺي سندس بلوغت تائين جي زندگيءَ جي مختلف دورن ۾ واڌ و....وڌيڪ پڙهو