تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** امام ڳڙهه جو قلعو **

امام ڳڙهه جو قلعو: هيءُ قلعو /اڏاوت مير رستم خان جي وقت جي آهي. هيءُ قلعو خيرپور ضلعي ۾ ڪوٽڏجيءَ ڀرسان قومي شاھراهه کان نڪرندڙ نارا روڊ وسيلي نارا گيٽ، تجل ۽ لڪ جي ڳوٺن کان پوءِ، جروئي ۽ مٺي ڳوٺ پھچي، اتان اوڀر ڏکڻ ١٤٢ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي (ھندوستان پاڪستان جي سرحد تي) آهي. امام ڳڙهه جي قلعي جو ذڪر مير رستم خان ۽ مير علي مراد جي پڳ جي جھيڙي کان پوءِ تاريخ ۾ ملي ٿو. پوڙھو حاڪم مير رستم خان، علي مراد خان ۽ چارلس نيپئر جي ڊپ کان پنھنجي زال ۽ ٻن ٻانھين سان، پڳ، حڪومت ۽ ملڪيت ڇڏي امام ڳڙهه جي قلعي ڏانھن ھليو ويو ھو. رستي ۾ برساتن پوڻ ڪري سندس زال اٺ تان ڪري پئي ھئي ۽ ان جي ٻانھن ڀڄي پئي، جڏھن ته ٻئي ٻانھيون مري ويون. مير رستم خان کي گھڻي تڪليف پھتي. مير مراد علي جون اکيون حڪومت ۾ ھيون ۽ پاڻ نيپئر وٽ پھتو ته مير رستم پڳ تان دستبردار ٿي ويو آھي ۽ زمينون به ڇڏي ويو آھي. ھاڻي مون کي حاڪم بناءِ، مگر نيپئر مير رستم کي راهه مان ھٽائڻ ٿي چاھيو. ان ڪري ھن مير علي مراد کي شهه ڏني ته امام ڳڙهه جو قلعو به ھاڻي تنھنجي ملڪيت آھي. متان مير رستم اڳتي ھلي فوجي طاقت امام ڳڙهه ۾ ڪٺي ڪري. ان ڪري امام ڳڙهه تي ح....وڌيڪ پڙهو