تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** چنا، سليم **

چنا، سليم: مشهور شاعر ۽ اديب، سليم چنا، 5 اپريل 1954ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 1979ع ۾ بي. اي ڪئي ۽ 2003ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن ٽائيپ رائيٽنگ، ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، سوائل واٽر گريول اناليز ليبارٽري ’ڊرپ‘ لطيف آباد آفيس ۾ انگريزن سان گڏ ڪيو. اڪائونٽنگ ۽ آڊيٽنگ سميت مختلف ڪورس به ڪيا. ننڍپڻ کان مختلف ملازمتون ڪندو رهيو. 1975ع ۾ ڪجهه مهينا داروغو رهيو. مختلف ڊاڪٽرن وٽ ڊسپينسر طور به ڪم ڪيائين. 1984ع ۾ کيس ڪسٽم، سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز پوليس ۾ ڪسٽم انسپيڪٽر جي نوڪري ملي. هن وقت اتي ڊپٽي سپريڊينٽ آهي. سليم چنا ننڍپڻ کان لکڻ جي شروعات ڪئي. شاگرد سياست توڙي ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو آهي. هن شاعريءَ کان سواءِ مضمون، ڪهاڻيون، مقالا، جيون ڪٿائون، شخصي پروفائيل، اکين ڏٺا احوال، صحافت ۽ ناولن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪجهه مهينا نامياري شاعر نياز همايونيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ مرڪزي اردو بورڊ جي لائبرريءَ، حيدرآباد ۾ ڪلارڪ ٿي به ڪم ڪيائين ۽ 70ع واري ڏهاڪي کان اُتي ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ پنهنجون نڪور تخليقون پيش ڪيائين. ملازمت دوران ....وڌيڪ پڙهو