سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
شاهه لطيف جي درگاهه جا سجاده نشين/ گادي نشين
شاهه لطيف جي لاڏاڻي کان هن وقت تائين درگاهه شاهه لطيف جي سجاده نشينن/ گادي نشينن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) پهريون گادي نشين: سيد جمال شاهه ‘لطيفي’ (وفات 1204هجري مطابق 1789ع): 39 سال گادي نشين رهيو.
(2) ٻيو گادي نشين: سيد قائم الدين شاهه ‘لطيفي’
(3) ٽيون گادي نشين: سيد قائم شاهه ‘لطيفي’
(4) چوٿون گادي نشين: سيد لطف علي شاهه ‘لطيفي’ (اول)
(5) پنجون گادي نشين: سيد علي بخش شاهه ‘لطيفي’ (اول)
(6) ڇهون گادي نشين: سيد الهه بخش شاهه ‘لطيفي’ (اول)
(7) ستون گادي نشين: سيد لطف علي شاهه ‘لطيفي’ [ثاني: وفات: 1898ع]
(8) اٺون گادي نشين: سيد علي بخش شاهه ‘لطيفي’ (ثاني) عرف علڻ سائين
(9) نائون گادي نشين: سيد شاهه ڏنو شاهه ‘لطيفي’ [وفات 1933ع]
(10) ڏهـون گـادي نـشيـن: سـيـد الـهـه بخـش شـاهـه ‘لـطيـفـي’ عـرف
غلام شبير شاهه ‘لطيفي’
(11) يارهون گادي نشين: سيد نثار حسين شاهه ‘لطيفي’
[گادي نشينيءَ جي تاريخ: 24 اپريل 2003ع، ....وڌيڪ پڙهو