تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** احمد ٺٽوي ملا **

احمد ٺٽوي ملا: ملا احمد ٺٽوي مغل دور ۾ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سان گڏ حڪمت جو ڌنڌو به ٺٽي ۾ سکيو. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ 22 سالن جي عمر ۾ سفر اختيار ڪيائين. اول مشهد پهتو، جتي مولانا افضل قائنيءَ کان علم ڪلام، حديث ۽ رياضيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ شيراز آيو، جتي ملا ڪمال الدين حسين کان طب جي ۽ ملا مرزا جان کان ڪليات قانون، شرح ۽ حواشيءَ سان پڙهيائين، ان کان پوءِ عراق پهتو، جتان پوءِ حرمين شريفين جي زيارت ڪيائين. حنفي مذهب جي عالم خاندان جو فرد، علم طب ۽ علم تاريخ جو وڏو ماهر هو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ هن جو شيعا مذهب ڏانهن لاڙو ٿيو. سنڌ ڇڏي ايران جي مشهور شيعه بادشاهه طهما سپ صفويءَ جي درٻار ۾ وڃي پهتو. جتان ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ دکن پهتو، اتي مغل اعظم اڪبر بادشاهه جي صلح ڪل پاليسيءَ جو احوال ٻڌي 990 هجريءَ بمطابق 1571ع ۾ اڪبر جي درٻار ۾ پهتو ۽ بادشاهه جي ملازمت جو شرف حاصل ڪيائين. ملا احمد ٺٽويءَ کي اڪبر بادشاهه حڪم ڪيو ته پهرين هجري سال کان وٺي اڪبر جي زماني تائين هڪ هزار سالن جي تاريخ لکي، اهو حڪم ٻڌي ملا احمد ”تاريخ الفي“ جي نالي سان، هجرت....وڌيڪ پڙهو